درٻيلو ۾ علم ادب ۽ آرٽ فيسٽيول ۾ نوجوانن جي دلچسپي

درٻيلو ۾ علم ادب ۽ آرٽ فيسٽيول ۾ نوجوانن جي دلچسپي

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ )ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر درٻيلو ۾ پهريون علم ادب ۽ آرٽ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ علم ادب تعليم زراعت ۽ عورتن جي حقن تي ويهڪ ٿي۔ فيسٽيول ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪتابن زراعت توڙي ثقافتي اسٽالن تي رش رهي فيسٽيول ۾ اڳواڻ خادم مشوري اديب ۽ محقق اعجاز ممنائي سينئير صحافي علي رضا منگي اظهار مخدوم فياض ڏاهري رفيق احمد سيال سنڌو نواز گهانگهرو ماهنور شيخ آشا ڌاريجو پارس نواز غلام مصطفي نانگراج غلام فاروق وسطڙو اصغر مڱريو غلام قادر ڀٽي پروفيسر عبدالستار ابڙو جهانگير ڏاهري تاج جويو اظهر سعيد ميمڻ پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله سومرو خطاب ڪندي چيو ته ساهتي پرڳڻي جي تاريخي حيثيت رکندڙ درٻيلو شهر علم ادب ڏاهپ امن پيار محبت ڪندڙن جو شهر رهيو آهي.

اڳواڻن چيو ته اهڙا فيسٽيول  سرڪاري سطح تي هر هنڌ لڳڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪري سگهجي پيغام لطيف ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هن وقت ۾ شاھ عبداللطيف جي پيغام کي محبت امن ڀائيچاري ترقي جي رواداري جو درس ٿو ڏئي ٿو جڏھن ته مشاعري ۾ غفار عباسي فياض ڏاهري اسد مڱڻهار خادم بالادي امداد سولنگي پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪري محفل کي موهي وڌو فيسٽيول جي آخر ۾ صوفياڻي محفل منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جي نالي واري راڳي شفيع فقير وقار ملاح راحت فقير باسط ٻٻر سبحان ساگر خوبصورت ڪلام پيش ڪيا فيسٽيول ۾ پ پ ٺاروشاھ جو صدر ممتاز علي ڪلهوڙو چندر يادگار ڪاميٽي چئرمين علي شير ڪيريو  پ پ اڳواڻ اصغر منڱريو اسد وسطڙو امانت وسطڙو سماجي اڳواڻ شاهد سولنگي شڪيل راجپوت عبيد سيال سرمد سيال امان الله سيال قربان چنا ۽ ٻين هرمڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو