گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سکر عبدالعزيز هڪڙو ۽ ضلعي ڊسٽرڪٽ آفيسر منظور احمد نائچ، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميرپور شفيع محمد ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ تقريب ٿي گذري جنهن ۾ جي اي ايس ٽِي ۽ اِي سي ٽي پاس اميدوارن کي جوائننگ آرڊر ڏنا ويا. سنڌ گورنمينٽ پاران اپريل 2018 ع ۾ ڏنل اشتهار کانپوءِ سِبا ٽيسٽنگ سروس وسيلي مرد توڙي عورت اميدوارن کان امتحان ورتو ويو هيو جنهن جو نتيجو پڻ 2018 ۾ جاري ڪيو ويو هيو هڪ پهاڙ ۽ ڏکيو مرحلو اميدوارن جي احتجاجن ۽ دانهن ڪُوڪن کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي ۾ پڻ ٽوٽل 158 مرد عورت گڏيل اميدوارن ۾ آرڊر تقسيم ڪيا ويا جڏهن ته اي سي ٽي صرف عورت اميدوارن ۾ پڻ 20 جوائننگ آرڊر ورهايا. ان موقعي تي مددي اسٽاف طور ضلعي توڙي تعلقي تعليم کاتي جا مددي اسٽاف جنهن ۾ نظام الدين ملڪ، مدد علي شاھ، شاھ محمد ڪلهوڙو، ميرزمان، علي گل سومرو، منان بلو ۽ راحب عارباڻي پڻ موجود هئا آرڊر وٺڻ کانپوءِ اميدوارن جا ڪومايل چهرا مرڪي پيا.










