دادو(ن س)شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽي بي اسپتال ڪالوني ۾ پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ رشتيداري جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران مبينا طور فائرنگ ۽ لٺيون هنيون ويون، نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا پوليس موجب نثار احمد پنهور ۽ سندس ساٿين محمد هارون، بابر علي، سدورو ۽ سهڻو پنهور تي الزام آهي ته هنن جهيڙي دوران فائرنگ ۽ لٺين سان حملو ڪيو واقعي ۾ مظهر ولد سڪندر پنهور ۽ احسان علي ولد جبار پنهور لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿيا جڏهن ته اشرف ولد سڪندر پنهور کي پيٽ ۾ گولي لڳي ۽ مسمات آمنه زوجه سڪندر پنهور کي ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي زخمين کي فوري طور علاج لاءِ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو پوليس موجب جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.










