خيرپور(ن سنڌيار)سنڌ جي شهر خيرپور ۾ گيسٽرو سبب 2 ڇوڪريون فوت ٿي ويون. صحت کاتي موجب فيض گنج جي ڳوٺ مروڙي ۾ گيسٽرو سبب هڪ ڇوڪري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٺري مير واهه جي تعلقي گوٹھ خدابخش شرمين ۾ ٻي ٻارڙي فوت ٿي وئي.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڳڙهي خدا بخش شرمين ۾ ڪيترائي ٻار گيسٽرو ۽ مليريا ۾ مبتلا آهن.ياد رهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا سميت ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن، جنهن سبب ٻار، عورتون ۽ بزرگ متاثر ٿي رهيا آهن.










