خيربخش مري(جرنيل شيروف) جي لازوال جدوجهد

خيربخش مري(جرنيل شيروف) جي لازوال جدوجهد

طفيل مگسي
بلوچستان جي ڀتريلي پهاڙن.حسين وادين ۽ برپٽ ميدانن کي ڏٺو وڃي ته هر پٿر .هر ريتي جي داڻي ۽ گل ٻوٽن کان مزاحمت جي خوشبو اچي ٿي.پرتيگيزين کان وٺي انگريزن ۽ پوء انهن جي موجوده قابض نسل تائين بلوچن هر ٻاھرين ڪاه ڪرڻ  واري جي خلاف مزاحمت ڪندي پنهنجي وطن جي ڇاتي کي رت جي خوشبو سان خوشبودار ڪيو آھي.جيڪا جدوجهد اڃان به جيئن جو تيئن جاري آھي.۽ موجوده بلوچ تحريڪ کي نئين نيشلزم جي صورت ڏيڻ ۾ هڪ عظيم انقلابي انسان جي جدوجهد ڪارفرما رهي آھي.همت.جرئت. ثابت قدمي. ارڏائپ ۽ شعور و عقل جو مالڪ اهو شخص خيربخش مري عرف(جرنيل شيروف ) هو.جنهن جي رت ۾ سندس انقلابي ڏاڏي جو رت شامل هو.سندس ڏاڏي جو نانء به خيربخش مري هو..بلوچستان ۾َ برطانيا جي انگريزي لاٽ سبيء ۾ تڏھن جي بلوچ سردارن کي پنهنجي بگي(ٽانگي) کي ڇڪي ڪري ريلوي اسٽيشن تائين پهچائڻ جو حڪم.ڪيو ته ان خيربخش مريء پنهنجي تلوار ڪڍي ڪري بگي ڇڪڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ وري پنهنجي قبيلي منجهان انگريز سرڪار کي سپاهي ڏيڻ کان انڪار ڪندي مزاحمت جو جهنڊو بلند ڪيو.
هڪ چوڻي آھي ته دنيا جا  انساني دماغ ۾   ٿين ٿا.انقلابي ڏاڏي جي حريت پسند هوندي خير بخش مرينه صرف بلوچن جي لاء بلڪ سمورين محڪوم و مظلوم قومن جي لاء ھڪ اهڙو مثالي ۽ لازوال ڪردار رهيو آھي ته جيڪو تا قيامت تائين ڪنهن کان وسري نٿو سگهي.برصغير ۾ بيٺڪيتي مسئلن ۽ سياست جي ڄاڻ خيربخش مري کان وڌيڪ شايد ئي ڪنهن کي رهي هجي.جيڪڏھن ڪو پختون .بلوچ هن خطي جي بيٺڪيتي مسئلن جو مطالعو خيربخش مري کي پڙھڻ ۽ ٻڌڻ بنا ڪري ٿو ته هن جو اهو مطالعو سدائين بيڪار ۽ نا ممڪن رهندو.اشتراڪي فڪر جو انس رکندڙ اهو بلوچ قومپرست اڳواڻ پاڻ ۾ ھڪ درسگاه هو.جيتوڻيڪ شروعات ۾ ھو پارليماني سياست جو حصو رهيو.سٺ جي ڏھاڪي ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر به ٿيو ۽ پوء 1970ع وارين چونڊن ۾ به حصو وٺي ڪري ڪامياب ٿيو.مگر بلوچ قومي سوال تي ان جو موقف پارليامان ۾ به ڪڏھن نرم.نه ٿيو ۽ 1973ع جي استحيالي آئين تي صحيون نه ڪيائين.
النساس مختلفون احوالهم 
 وابن الربيع علي طريق واحد
فاشسٽ ڀٽو پختونن ۽ بلوچن جو ناقابل فراموش و ناقابل معافي ڏوھاري آھي….خان عبدالغفار خان ۽ ولي خان جيان نواب مري به ڀٽو جي ظلمن جو نشانو بڻيو.غوث بخش بزنجو .ولي خان ۽ نيب جي ٻين اڳواڻن سميت جيل ۾ وڌا ويا.
۽ بلوچستان تي آپريشن ڪري بلوچن جي ڌرتيء کي سندن رت سان رنڱي ڇڏيو.نه صرف اهو بلڪ ان نام نهاد جهموريت پسند ڀٽيء بلوچن جي لاشن کي مٿان شاه  ايران جي موڪليل هيلي ڪاپٽر ۾ وجهي ڪري فضا کان هيٺ ڦٽو ڪيائين.وسنديون بمباري ڪري مٽيء جي ڍير ۾ تبديل ڪيون ويون.مال وملڪيت کي مال غنيمت سمجهي ڦريو ويو ۽ ھزارين ڌرتي ڌڻي پنهنجن علائقن کان ٻين علائقن ۽ افغانستان ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا ۽ ڪجه سالن کانپوء خير بخش مري جيل کان آزاد ٿيو.پنهنجي قبيلي جي ماڻھن سان گڏ افغانستان هليو ويو.
پاڪستان جي بيٺڪيتي پاليسين جي خلاف سخت ترين موقف اختيار ڪري ڇڏيو. ۽ بلوچستان جي آزادي کان گهٽ ڪنهن ٻي ڳالھ کي سختي سان رد ڪيو.ان دوران هو بلوچن جي زبردست سياسي تربيت ۽ اڳواڻي ڪندو رهيو..
نواب مري سان جيل توڙي افغانستان ۾َرهندڙ پختون نيشلسٽ اڳواڻ افراسياب خٽڪ پنهنجي هڪ انگريزي ڪالم ۾ لکي ٿو ته.
“حريت پسند نواب مري کي افغانستان به برداشت نه ڪري سگهيو.“
جيڪڏھن اڄ اٽڪل هر تعليم يافته بلوچ پنهنجي قومي مزاحمت جي حوالي سان گڏيل قومي موقف تي ذھني ۽ عملي طور تي ڪليئر آھي ته ان ذھني تربيت ۾  سڀ کان اهم ڪردار خير بخش مري جو آھي. جنهن اهو سمجهيو ته بلوچ رياست کي لالچون ڏئي ڪري هن کي جهڪايو ويندو ته اها رياست جي سڀ کان وڏي ڀل آھي.ان جي تاريخي تربيت ۾ بابا مري جي صورت ۾ ھڪ اهڙي مرد قلندر جو هٿ آھي.جيڪو پنهنجي عمل ۽ فڪر ۾ بلوچستان جو فيتن به هو.هن جا سارتر به هئا.۽ ھن جا چي گويرا ۽ فيڊل ڪاسترو به هئا.
اسٽڊي سرڪل ۽ ٻين سياسي محفلن جي وسيلي هن سڌو سنئون هڪ مڪمل نسل جي پرورش ۾ قومي  جو ڪردار ادا ڪيو.بلوچن کي سياسي شعور ۽ بي انتها ڄان ڏنائين.هر بلوچ نوجوان جي دل کان بزدلي وارو خوف ڪڍي ڪري انهن ۾ روح باغي ڦوڪيائين.بقول ممتاز اورڪزئي جي ته.
رھ به اوڪزم داسي به قبضا عامه ڪزم
د ڊار به خارڪي به باغي باغي لهجا عامه ڪزم
پنهنجي جگر جي ٽڪري بالاچ کي بندوق هٿ ۾ڏئي بلوچستان جي آزادي جي لاء پهاڙن جو رستو ڏيکاريو. ۽ پوء ڇاتي تاڻي ڪري پنهنجي شھيد پٽ جي لاش کي وصول ڪيائين.ترقي واري پيڪيجز کي هن پن.خيرات.غلامي جون زنجيرون ۽ سامراجي هٿڪنڊا قرار ڏنو.۽ بلوچن کي انهن هٿڪنڊن کان بچڻ جو سبق ڏنائين.چين جا گڻ ڳائڻ وارن پاڪستانين جي پاڪستان جي هر اٿندڙ ھٿ جي پٺيان پنجاب ئي هوندو آھي.“چاهي اهو هٿ ڀٽو جي شڪل ۾ ھجي .ايوب ۽ مشرف جي شڪل ۾ ھجي ؛“هن جو اهوئي فڪر هو جنهن هن کي مزاحمت ڪندڙن ۾ سڀ کان ممتاز بڻايو.هن بلوچ قوم جي سامهون سامراج جي سمورن ادارن کي کليل ڪتاب جيان سامهون رکي ڇڏيو.
افراسياب خٽڪ وڌيڪ لکي ٿو ته.
“جڏھن1976ع ۾ اسان کي حيدرآباد جي جيل ۾ ڀٽي قيد ڪيو ته اسان جي وڪيل نواب محمد قصوري قانوني ڪاروائي جي لاء آيو.سڀني سان هن هٿ ملايو.نواب صاحب ڏور ويٺو هو.قصوري صاحب چيس.
“نواب صاحب تون تمام پري ويٺو آھين؛.“نواب مريء فورن وراڻيو. “قصوري صاحب پنجابين جا هٿ تمام ڊگها هوندا آھن؛“نوان خيربخش مري عرف(جرنيل شيروف) جهڙو عظيم انسان برصغير جي تاريخ وري جنم نه ڏنو.نواب مري سرزمين بلوچستان جو اهڙو حقيقي سردار هو.جنهن ڊڪٽيٽر مشرف جي اربين روپين جا پيڪيجز خيرات قرار ڏئي ڪري واپس سندس منهن تي هنيا.بقول عربي شاعر جي ته.
مضت الدهور وما اتين بمثله
ولقد آتي فعجزونعن نظرانه
زمانا گذري ويا .مگر هن جو مثال نه آيو…جڏھن هو آيو ته زماني جي ماء ھن جي مثال آڻڻ کان لاچار رهي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو