خطري هيٺ آيل سنڌو، پهاڙ ۽ ٻيلا!!

خطري هيٺ آيل سنڌو، پهاڙ ۽ ٻيلا!!

ممتاز بخاري
جيڪڏهن دريا بنا ويراني ڏسڻي آهي ته ڪو گهڻو پري نه پر چولستان جي ان ڀڙڀانگ وارياسي ڀِٽُن تي بيهي چوڏس نهار وجهي ڏسو ته ڪيئن ويراني روح کي کائي ٿي. چار هزار سال پهريان جڏهن اتان سرسوتي دريا ۽ اڳيان هاڪڙو وهندا هئا ته سنڌو سڀيتا جا اهي ويران هنڌ زندگيءَ سان ڀريل سهڻا وَسيل ماڳ هئا. سنڌو ستن دريائن کانسواءِ آسمان مان وَسندڙ پاڻين ۽ پهاڙن جي پيچرن تان ور وڪڙ کائي ايندڙ وهڪرن کي پاڻ ۾ سموئي سمونڊ تائين نِيَڻ جو ساکي رهيو آهي. هاڻ به سنڌو ۾ سڌي طرح پنجن دريائن جو پاڻي ۽ ور وڪڙ کائي توڙي ٻين دريائن معرفت ڪيترن ئي دريائن جا يا برساتي پاڻيءَ جا وهڪرا اچي پون ٿا.
انگريزن جي دور ۾ پهريائين سنڌو ندي بندن اندر بند ڪئي وئي، پر پوءِ به ان جا وهڪرا ساڳيا هئا، جيڪي ويدڪ دور جي ادب ۾ بيانيل آهن ته ڪيئن سنڌو رٿ ۾ ٻڌل جانورن جيان ڪاهيندو سمنڊ سان ٽڪرائي ان کي پوئتي ڌڪي هر سال ان کي پنهنجا نوان دَنگ بڻائڻ تي مجبور ڪندو هو ۽ اڄ اها حالت آهي جو سنڌوءَ جي آڳاٽي دنگن وٽ پاڻيءَ جو گهڻو شور ناهي هوندو. اهي ئي هنڌ جتي اڪثر سمنڊ ۽ درياءُ جو ٽڪراءُ ٿيندو هو ته ٻئي پاڻي ديون جيان اڀا ٿيندا هئا ۽ جيالاجي يا اوشنلاجي جون اڳ واريون تاريخون ساکي آهن ته سنڌو ئي سوڀ ماڻي سمنڊ کي پوئتي ڌڪي پنهنجا نوان دنگ قائم ڪندو هو يا سمنڊ جي پاڻيءَ کان قبضا ڇڏرائي ڌرتي آجي ڪرائيندو هو. ها تاريخون ان ڳالهه جون به ساکي آهن ته ان رڳو هي ڌرتي آجي ڪانه ٿي ڪرائي پر ساوڪ ۽ انساني گُهرجن جا به انيڪ بندوبست ٿي ڪيا. جُڳن کان هيٺ پاڻي هيٺان پيل پهاڙ به ان ڪري نڪتا جو سمنڊ ڌڪجي ويو. مٺي پاڻي جي ڪري جيوت کي جَهان مليو. ڌرتي سائي ستابي ٿي. هاڻ ان سنڌوءَ بابت خطري جون گهنٽيون پيون وڄايون وڃن. مَنُ اهو ڪونه مڃيندو ته ايئن ڪجهه ٿيندو. پر ماهر چون ٿا ته سنڌوءَ جي مجموعي وهڪرن ۾ گهٽتائي شروع ٿي وئي آهي. اهي اهو به چون ٿا ته پاڻي جي انهن وهڪرن کي رڪاوٽون اڃان وڌيڪ خراب پيون ڪن.
هڪ طرف قدرتي موسمي تبديليون آهن ته ٻي طرف سنڌو درياءُ آڏو هٿرادو رڪاوٽون سامهون اچن پيون. ڊيمن ۽ بيراجن سان دريا جي وهڪرن تي اڳ ئي وڏو اثر پيل آهي ۽ مٿان وري پنجاب ۽ مرڪز جون نيون رٿائون جوڙيون ويون آهن، جن ۾ ڀاشا ڊيم جي ڪمانڊ ايريا جو نالو ڏيئي پنجاب جا ڀڙڀانگ علائقا آباد ڪرڻ جون تياريون پيون هلن ۽ مٿان وري گريٽر چولستان مان سنڌوءَ جي ذريعن جو پاڻي منتقل ڪرڻ لاءِ نون ڊيمن، بيراجن ۽ ڊگهن ڪينالن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. پنجاب ۾ نوان بيراج، ڊيم ۽ ڪينال اڏڻ جو بنياد اهو ڄاڻايو ويو آهي ته چولستان ۾ 60 لک ايڪڙ زمين ستلج جي کاٻي پاسي موجود آهي، جيڪا هندستان جي سرحد تائين وڃي لڳي ٿي، ان ايراضي کي انهن رٿائن سان آباد ڪري سگهجي ٿو. ان کي چولستان ڪمانڊ ايريا ڊولپمينٽ کي وسعت ڏيڻ جو نالو ڏنو ويو آهي. بيراجن کانسواءِ ٻه ڊيم به تجويز ڪيا ويا آهن، جيڪي چنيوٽ ۽ سرگوڌا جي وچ ۾ هوندا. چنيوٽ ڀرسان مد رانجا ڊيم جي ڊزائين جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته ان ۾ پاڻي گنجائش 1.2 ملين ايڪڙ فوٽ هوندي ۽ اهو 16 فوٽ اوچو هوندو، جنهن مان بجلي جي پيداوار 80 ميگاواٽ حاصل ڪري سگهبي. ٻيو شاه جيوڻ ڊيم تجويز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پڻ 1.3 ملين ايڪڙ پاڻي جي گنجائش ڄاڻائي وئي آهي ۽ اتان 80 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. نقشن موجب چنيوٽ وٽ ڊيم مان 195 ڪلوميٽر پيرنيئل ڪينال وسيلي ستلج ۾ پاڻي آڻي بهاولنگر بيراج کي ڏنو ويندو. اهي هزارين سال اڳ سرسوتي درياءَ جي ختم ٿيڻ بعد ڀڙڀانگ ٿيل علائقا آهن. اهو چيو ويو آهي ته اتي 17 فوٽ اوچي بيراج وٽ 0.90 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو به ڪري سگهبو. جنهن کي چناب جي لنڪ ڪينال جو پاڻي به ملندو. اتان ئي وري حاصلپور بيراج ڏانهن پاڻي موڪليو ويندو. بيراج مان هڪ فيڊر واه ۽ هڪ ڪينال ڪڍي 21 لک 32 هزار ايڪڙ ٻني آباد ٿيڻ جو اندازو ڪيو ويو آهي. اها زمين فورٽ عباس کان يزمان منڊيءَ تائين آهي. بهاولنگر بيراج 17 فوٽ اوچو هوندو ۽ تجويز موجب اتي 0.36 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو به ٿيندو ۽ اهو به ستلج وسيلي ريگيوليٽ ٿيندو. ان بيراج مان 70 ڪلوميٽر فيڊر ۽ 100 ڪلوميٽر ڪينال تجويز ڪيو ويو آهي. 5500 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت سان 13 لک، 33 هزار ايڪڙ ٻني جي پوکي ڪئي ويندي. هن بيراج جي ڪمانڊ ايريا بهاولپور ۽ خانپور جا علائقا هوندا. ٻئي بيراج به رزوائير آهن. اهڙي ريت پنج پاڻي ذخيرا تجويز ڪيا ويا آهن.
سنڌ، جيڪا گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان صوبي جي پنهنجي خراب واٽر مينجمنٽ سان گڏ ارسا پاران گهٽ پاڻي ڏيڻ جي زيادتين جو شڪار آهي ۽ مٿان نوان منصوبا آڻي پاڻيءَ جي شديد کوٽ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. سنڌ سرڪار جو ان حوالي سان ڪجهه نه ڪرڻ تمام وڏي مجرماڻي ڪار هوندي. هن وقت جڏهن وفاق ۾ ڀاڱي ڀائيواري اٿن ۽ ان هوندي به سنڌوءَ جي وهڪري کي نقصان رسيو ته پوءِ تاريخ ۾ مٿن اها ڦٽڪار ڪڏهن به ڪانه لهندي.
هڪ طرف سنڌ کي قدرتي طريقي سان ملندڙ پاڻيءَ سان اها ڪار ٿئي پئي ته ٻئي پاسي سنڌ جي پهاڙن کي به ناس ڪيو ويو آهي. مسلسل غيرمعياري ترقياتي ڪمن جي ڪري پهاڙن جي پَٽ ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي. روهڙيءَ وارا جبل اچي بچيا آهن ۽ کيرٿر جابلو، چولستان ۽ لڪي وارن جبلن جو سلسلو به ساڳي تباهي جو منهن ڏسي رهيو آهي ۽ قدرت سان اهڙي ڪلور جي نوحي تي به سرڪار کي ڪا ڳڻتي ناهي. ڪارونجهر جو ڊگهو سلسلو به محدود ٿي ويو آهي ۽ ان تي پيل اک اڃان به پهڻ ٿي بيٺي آهي. سنڌ جا جبل جيڪي کربين رقم جا هئا، اهي ايئن پٽرايا ويا، جو ڪل ئي ڪانه پئي. پهاڙي ماڳن جي سونهن ڏسي اکين کي آسيس ملندو آهي، هر جيو کي جيئڻ لاءِ سهولتون ملنديون آهن. سنڌ جي فطرت کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي. اصل ۾ اهو قتل انسان پنهنجو ڪري رهيو آهي.
سنڌ جا ٻيلا به ايئن ئي تباه ڪيا ويا آهن ۽ وڻن جي واڍي ته ڄڻ ڪا ڳالهه ناهي. سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي بابت ڪيئي ڀيرا ميڊيا انگ اکر ڏئي چڪي آهي ته ڪيئن نه ظلم ڪيو ويو آهي. قدرت پاران برابر هر شئي انسان جي فائدي لاءِ به آهي ۽ نقصان لاءِ به، پر جيڪي جياپي جو سبب قدرتي شيون آهن، انهن جي تباهي ڪرڻ سان ڌرتي آخر ڪنهن کي دانهن ڏيندي، نيٺ ته اها بدلو وٺندي. جيڪڏهن هر شئي پنهنجي گهرج آهر رٿا ۽ ترتيب سان ڪتب نه آئي ته پوءِ ايندڙ نسل شايد اسان کي ئي وحشي نسل طور ڳڻيندو. هن وقت سنڌوءَ جو پاڻي، ٻيلا ۽ پهاڙ خطري هيٺ آهن، انهن کي بچائڻ جي رٿابندي نه ڪئي وئي ۽ جيڪڏهن سرڪاري ۽ عوامي طور اهڙو رويو رهيو ته سنڌ جي نقصان جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي.

روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو