لاهور (ويب ڊيسڪ)جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. خديجه شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت حقيقتن جي ابتڙ ضمانت رد ڪري ڇڏي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت خديجه شاهه جي ضمانت منظور ڪري.واضح رهي ته فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه اڳوڻي ناڻي واري وزير سلمان شاهه جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل آصف نواز جنجوعا جي پوٽي آهي.










