خاڻوٺ: (ن س) خاڻوٺ ڀرسان موٽر سائيڪلن تي سوار اڻڄاتل هٿياربندن لاکڙا ڪول مائينر يوسي تي پيپلز پارٽي جي چونڊجي آيل ضلعي ڪائونسلر ميمبر کي پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.خاڻوٺ ڀرسان حبيب الله موڙ تي موٽرسائيڪلن تي سوار اڻڄاتل هٿياربندن يونين ڪائونسل لاکڙا ڪول مائينز تي چونڊجي آيل پيپلزپارٽي جي ضلع ڪائونسلر ميمبر عباس کوسو تي پسٽل جا فائر ڪري ڏنا جنهن جي نتيجي ۾ ھو سخت زخمي ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل عباس کوسو کي مقامي ماڻهن کڻي تعلقا اسپتال مانجھند منتقل ڪيو پئي ته ھن اڌ رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي مارجي وڃڻ بعد علائقي ۾ سخت ڏھڪاء ڇائنجي ويو ان حوالي سان ايس ايڇ او خاڻوٺ منير ھڪڙو جو چوڻ آهي ته معاملي جي جانچ ڪريون پيا قاتل ڪير به هوندو ان کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي مارجي ويل عباس کوسو جي وارثن جو موقف سامهون اچي نه سگھيو آهي. جڏهن ته واقعي واري ھنڌ موجود ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار پنج کان مٿي هٿياربندن عباس کوسو مٿان سڌا فائر ڪري ڏنا فائرنگ جي نتيجي ۾ عباس کوسو مارجي ويو آهي.










