خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال)خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڇٽن مهر ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو،5 ڄڻا زخمي، زخي ڌر جو احتجاج،خبر موجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڇٽن مهر ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو،جنهن جي نتيجي ۾ محمد حسن ميراڻي، غلام نبي ميراڻي، محمد مراد ميراڻي،راشد علي ميراڻي ۽ واجد علي ميراڻي زخمي ٿي پيا،زخمي ڌر جي زخمين ۽ وارسن محمد حسن ميراڻي،غلام نبي ميراڻي،محمد مراد ميراڻي،رحمت اللہ ميراڻي ۽ ٻين ٿاڻي جي سامهون احتجاجي مظاهرو،احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن گل حسن ميراڻي ان جو پٽ کمون عرف فرمان،جيوايو ميراڻي ان جو پٽ غفار ميراڻي اسان مٿان حملو ڪري زخمي ڪيو،وڌيڪ چيو ته ٽي مهينا اڳ اسان جي گهران 5 موبائيل فون چوري ٿي ويا هئا جيڪي فيصلي ۾ انهن تي ثابت ٿيون پيسا يا موبائيلون واپس ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا آج حملو ڪري زخمي ڪري ويا آهن، احتجاج ڪندڙن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي










