پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان حڪومت کان اين آر او گهري رهيو آهي پر حڪومت کيس اين آر او نه ڏيندي.گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي صوابي ۾ پ پ اڳواڻ بلال شيرپائو جي گهر پهچي سندس چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي پر حڪومت کين اين آر او نه ڏيندي، سندن ڪيسن جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي فتح آهي ته اسد قيصر هر ٻئي ڏينهن سندس در تي حاضر ٿئي ٿو ۽ مولانا فضل الرحمان به مشڪل ۾ آهي، هن کي به يهودين کي اسلام آڻڻو آهي.تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان گورنر پختونخواهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي عدم اعتماد واري رٿ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت نه ڪندي، مسلم ليگ ن سان اسان جو اتحاد مضبوط آهي.










