خالد خان پاران ڪچي جي ڳوٺ ۾ ڊسپينسري جو افتتاح

خالد خان پاران ڪچي جي ڳوٺ ۾ ڊسپينسري جو افتتاح

اوٻاوڙو(رپوٽ غلام علي رند )پ پ ايم اين اي ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير ميرخالد احمدخان لنڊ ڪچي واري علائقي يوسي ٻنڌ جي ڳوٺ جنگهل سولنگي  ۾  ڊسپينسري جو افتتاح ڪيو. جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اها هڪ خوشي جهڙي ڳالھ آهي ته پ پ قيادت پاران اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر کي سينٽ جي ٽڪٽ ڏني وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو   پ پ  چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري   پاڪستان جي  مستقبل جو وزيراعظم آهي ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان ۾ پ پ جي حڪومت ٺهندي  هن وڌيڪ چيو ته موجوده نيازي حڪومت عوام کي ريلف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي  سليڪٽيڊ حڪومت غريب عوام مٿان مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو آهي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻن ميرسردار خان لنڊ  ڄام حسن خان  ڏهر مير امتياز خان رند ۽مارڪيٽ ڪاميٽي چئيرمين ڄام شفيق انور عرف گوگي خان ڏهر پڻ شريڪ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو