ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ حڪومت جي قانون واري صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو آهي، سينٽرل ۽ ڪورنگي جي مختلف زونن ۾ گهر گهر ڪچرو کڻڻ سان لينڊ فل سائيٽ تائين ڪچري جو مقدار 10 هزار ٽن تائين پهچي ويندو، ڪچرو هڪ اثاثو آهي، سون آهي، ان کي خام مال طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، سنڌ حڪومت ويسٽ انرجي پاليسي ٺاهي، سستي بجلي پيدا ڪري شهرين کي ڏينداسين. عوام جي ڀلائي ۽ رليف لاءِ جيڪو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو اهو اسان ڪري رهيا آهيون ، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ڪابينا جو هر ميمبر عوام جي خدمت لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان سڀ گڏجي شهر، صوبي ۽ سڄي پاڪستان کي بهتر بڻائينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پاپوش نگر ۾ سينٽرل ڊسٽرڪٽ نارٿ ناظم آباد زون، ضلعي، ڪورنگي ضلعي جي ماڊل ڪالوني ۽ لانڍي زون ۾ گهر گهر مان ڪچرو کڻڻ فرنٽ اينڊ ڪليڪشن جي افتتاحي تقريب دوران ڪيو، ان موقعي تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ زبير احمد چنا، ڊي سي سينٽرل طحه سليم، گينزو ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ليو تائو، پ پ ڪراچي ڊويزن جو سينيئر اڳواڻ سردار احمد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي هن خطاب ڪندي چيو سالڊ ويسٽ مينيجمنٽ بورڊ کانپوءِ ڪراچي جو ٻيو مسئلو ٽرانسپورٽ آهي، سنڌ حڪومت ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اورنج لائين بس منصوبي کي فعال ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي، ڪراچي لاڀ 240 نيون بسن ج منظوري ڏني وئي آهي اهي بسون ڪراچي لاءِ روانو ٿي چڪيون آهن شهري جلد انهن بسن کي روڊن تي هلندي ڏسندا، ايمبولينس سروس 1122 جون 288 نيون ايمبولينسون به ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ڪم شروع ڪنديون تقريب جي مهمان خصوصي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه خطاب ڪندي چيو ته لانگ مارچ ذريعي سياسي ڪچرو صاف ڪرڻ کانپوءِ شهري علائقن کي به گندگي کان پاڪ ڪيو ويندو، صفائي جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهندڙ ڪچري مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ملڪ جي بهتري لاءِ سياسي ڪارڪنن ۽ سماجي ڪارڪنن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، عمران خان کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن جن سان ملڪ ۾ وڌيڪ انتشار پکيڙ جي، سنڌ حڪومت جو هر هڪ فيس شهر جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي ۽ بهتري جو اهو سفر جاري رهندو، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ته اڄ کان سينٽرل ضلعي جي هڪ اهم زون ۽ ۽ ڪورنگي جي ٻن زومم مان گہر گهر مان ڪچرو کڻڻ جي ڪم جو آغاز ڪيو پيو وڃي، هن وقت تائين چائنيز ڪمپني جي ڪارڪردگي اطمينان بخش آهي، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل هر ماڻهو پوري صوبي جي بهتري لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن صوبي ۾ بهتري اچي سگهي، مون کي نخبر آهي ته ڏکيائون اينديون آهن، رڪاوٽ وڌي ويندي آهي پر سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي ملازمن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪنداسين. ڪنهن به هنڌ کان ڪا به شڪايت ايندي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي به شڪايت آهي ته ان لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جون آفيسون کليل آهن. هن چيو ته انوکا لاڏلا سمجهن ٿا هو حڪومت ۾ آهن ته سڀ ٺيڪ آهي نه ته سڀ ڪجهه خراب ٿي ويندو، خان صاحب کي هوش جا ناخن وٺڻ گهرجن، اسان جا اتحادي قابل احترام آهن، اليڪشن لاءِ تيار آهيون، پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ اسان جو جمهوري حق آهي، وزيراعظم آڏو به اهو معاملو اٿاريو آهي ته پاڻي جي ورڇ منصفاڻي طريقي ٿيڻ گهرجي اميد آهي ته جلد صورتحال بهتر ٿي ويندي، ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ زبير چنا چيو ته آگسٽ جي آخر تائين سينٽرل ضلعي مان سئو سيڪڙو ڪچرو کڻڻ جو ڪم شروع ٿي ويندو، ڪچرا ڪنڊيون گندگي ۾ ڌپ جو سبب آهين انهن کي آهستي آهستي ختم ڪيو ويندو، شهر کي ڪلين ۽ گرين ٺاهڻ جون ڪوششون تڏهن ڪامياب ٿينديون جڏهن هر شخص ان ڪم ۾ اسان جو ساٿ ڏيندو، تقريب کي چائنيز ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ليو ٽائپ چيو ته ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ جو ڪم اسان کي ڏنو ويو آهي اعتماد ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون ڪراچي کي صاف سٿرو ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي اسان کي فخر آهي جلد ڪراچي جا ٻيا علائقا به ڪچري کان صاف نطر ايندا جنهن سان شهرن کي سهولت ملندي.










