اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي شهر حيدرآباد مان لياقت باغ راولپنڊي تائين پيادل پي پي جيالن جو قافلو پهچي ويو. پيپلزپارٽي ميديا سيل جي انچارج نذير ڌوڪي مقامي ڪارڪنن سان گڏ سندن استقبال ڪيو. قافلو نديم جتوئي جي قيادت ۾ بي بي جي شهادت واري جاءِ تي پهتو ته جيئي ڀٽو جي نعرن سان سندن استقبال ڪيو ويو. 35 ڏينهن جي پيادل سفر بعد راولپنڊر پهچندڙ قافلي ۾ شيراز علي، شمشير مگسي، شاهزيب ڀٽي شامل هئا.










