جي يو آئي پاران مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف  احتجاج

جي يو آئي پاران مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج

جيڪب آباد ( ن سنڌيار) جيڪب آباد بلدياتي اليڪشن ڌانڌلي خلاف جی يوآء جي دفتر کان اليڪشن ڪميشن آفيس تائين مظاهرو،2 ڪلاڪ ڌرڻو، روڊ بلاڪ ۽ ٽريفڪ معطل، ضلعي امير تي حملو،فائرنگ ايجنٽن جي اغوا ڪرڻ,بیلٽ پيپر چورائڻ۽ ڪارڪنن تي تشدد ڪرڻ سبب انتخابات رد ڪري ٻيھر انتخابات ڪرايا وڃن.مطالبو خبر موجب جمعيّت علماء اسلام جي طرفان بلدياتي اليڪشن ۾ بي ضابطگين ايجنٽن ۽ ووٽرن کي حراسان ڪرڻ، پ پ حڪومت ۽ اميدوارن پاران ڌونس ڌانڌلي، فائرنگ، ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري تي حملو ،ھڪ درجن گاڏين کي تباھ ڪرڻ، ٻه درجن ڪارڪنن کي زخمي ڪرڻ خلاف ھڪ وڏو احتجاجي مظاهرو جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري،سيد عبدالباسبط شاھ ،مولانا عبدالجبار رند،سردار ذوالفقار ٻرڙو ڊاڪٽر خليل احمد کوسو ،انجنيئر حماداللہ انصاري ،قاري دلبر ڪنڊراڻي، محمد صديق بليدي، چاڪر خان جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دفتر جي يو آء کان ڪڍيو ويو. سوين ڪارڪنن ۽ شهرن شهر جي مختلف رستن، شاھي بازار، صرافہ بازار، ڀٽائي بازار، ٿاڻو روڊ، قائد اعظم روڊ، ڪوئيٽا روڊ، تي مارچ ڪري ميڪرو مينجنڊ ڌانڌلي نامنظور،دھشتگردي نامنظور جھڙا نعرا هنيا. مظاهرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا. مظاهرين شهر ۾ مارچ ڪرڻ کان بعد ضلعي اليڪشن آڏو ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو ته پ پ جي اخلاقي ۽ جمهوري روايتن کي ٽوڙيو آهي. بلدياتي انتخابات ۾ پوري ضلعي ۾ پ پ اميدوارن ۽ ڀوتارن دھشت گردي ۽ فائرنگ ڪئي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري تي حملو ڪيو، گاڏيون تباھ ڪيون، رزلٽ تبديل ڪيو، ايجنٽن کي اغوا ڪيو ۽ يرغمال بڻايو، بيلٽ باڪس چوري ڪيا ويا، ٻن درجن ڪارڪنن کي زخمي ڪيو جيڪو ڪنهن صورت قبول ناهي. وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي 11 فارم تي رزلٽ نه ڏنو ويو آهي ۽ ھن وقت تائين رزلٽ تبديل ڪيو پيو وڃي. هنن اعلان ڪيو ته انصاف نه مليو ته زيادتين خلاف ڪورٽ وينداسين.جڏهن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي يو آء جي وفد سان ملاقات ڪئي ڳالھين بعد مظاهرو ختم ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو