تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي صدر مسعود پزشڪيان تهران چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن جنگ جاري رهڻ جي پسمنظر ۾ ايران جي معيشت، خاص طور نجي شعبي، کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو۔ ايراني نيم سرڪاري تسنيم نيوز ايجنسي موجب، پزشڪيان چيو، “اڄ جو اصل محاذ معاشي جنگ آهي۔” هن چيو، “اسان جو يقين آهي ته جيترو نجي شعبو وڌيڪ قابل، تيز رفتار ۽ سرگرم هوندو، اوترو ئي ملڪ جي معاشي بنياد مضبوط ٿيندو، ۽ ٻاهرين دٻاءَ ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ اسان جي قومي طاقت وڌندي۔” صدر وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ ۾ فوجي محاذ تي ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ايران کي معاشي طور نقصان پهچائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن۔ هن چيو، “فوجي محاذ تي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ دشمن ملڪ جي معاشي مضبوطي کي نقصان پهچائڻ ۽ عوام جي روزگار ۽ معيشت کي متاثر ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي۔”
دشمن جي ڪمزور ٿيڻ سبب ٻيهر حملي جو امڪان گهٽ آهي، اڪبرزاده
’آءِ آر جي سي‘ جي هڪ عهديدار چيو آهي ته آمريڪا سان ٻيهر جنگ جو امڪان گهٽ آهي، پر هن خبردار ڪيو ته ايران ڪنهن به حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي. تسنيم نيوز ايجنسي موجب اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جي نيوي جي نائب سياسي سربراه محمد اڪبرزاده چيو آهي ته “جنگ جو امڪان دشمن جي ڪمزوري سبب گهٽ آهي، جڏهن ته هٿياربند فوجون مڪمل تياري سان انتظار ۾ ويٺيون آهن۔” هن چيو، “ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه رکو ته اسين چابهار کان ماهشهر تائين واري علائقي کي حملي آورن لاءِ قبرستان بڻائي ڇڏينداسين،” هن ايران جي ڊگهي ڏاکڻي سامونڊي پٽي جي ٻنهي ڇيڙن تي واقع هنڌن جو ذڪر ڪندي چيو.
اسرائيل جا ڏکڻ لبنان ۽ بيڪا وادي تي حملا تيز ٿي ويا
لبنان جي قومي خبر ايجنسي (NNA) موجب ملڪ جي اوڀر واري حصي ۾ قديم شهر بعلبڪ ويجهو بيڪا وادي تي اسرائيلي هوائي حملن جا ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن۔ هوائي حملي ۾ اتر ۾ هلبتا شهر، بعلبڪ جي اولهه ۾ بودائي ۽ ساڳئي علائقي ۾ فلاوي کي نشانو بڻايو ويو۔ لبنان-شام سرحد ويجهو هرمل ڳوٺ تي به ٻه حملا ڪيا ويا۔ اين اين اي موجب ڏکڻ لبنان جي ڪيترن ڳوٺن تي به اسرائيلي حملا ٿيا، جن ۾ جزين علائقي جو ڳوٺ طفاحتا ۽ صيدا ويجهو ارڪي شهر شامل آهن۔ اسرائيل جي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران درجنين لبناني شهري ماريا ۽ زخمي ڪيا آهن، جنهن کي صحت واري وزارت “قتل عام” قرار ڏنو آهي۔ اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن گذريل ڏينهن دوران 150 کان وڌيڪ “حزب الله جا ٽارگيٽ” نشانو بڻايا آهن۔ حملا ڏکڻ لبنان جي شهرن صور ۽ نبطية سميت اوڀر لبنان جي بيڪا وادي تائين ٿيا آهن۔ جيئن اسان اڳ رپورٽ ڪيو، اسرائيل اڱاري ڏينهن لڳ ڀڳ 50 لبناني شهرن لاءِ جبري بي دخلي جون ڌمڪيون جاري ڪيون هيون۔ اڳ به نبطية لاءِ اهڙي ئي ڌمڪي ورجائي وئي هئي، جنهن ۾ رهواسين کي فوري طور زهراني ندي جي اتر طرف وڃڻ لاءِ چيو ويو هو.
ڏکڻ ڪوريا پاران ايراني سفير جي طلبي، احتجاج
اي ايف پي جي رپورٽ موجب ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته هو ايران جي سفير کي طلب ڪري جهاز تي ٿيل حملي بابت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڇاڪاڻته هڪ جاچ ۾ نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته آبنائي هرمز ۾ ڏکڻ ڪوريا جي هڪ جهاز تي حملو “گهڻي امڪان سان” ايراني ساخت جي ميزائل ذريعي ڪيو ويو هو، اي ايف پي موجب پهرين نائب پرڏيهي وزير پارڪ يون جو بريفنگ دوران چيو، “اسان جي حڪومت ايران جي سفير کي طلب ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ته جيئن جاچ جا نتيجا پيش ڪيا وڃن، اسان جي جهاز تي حملي بابت سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي ۽ ذميواراڻا قدم، جن ۾ اهڙن واقعن جي ٻيهر روڪٿام شامل هجي، طلب ڪيا وڃن۔”
ايران جنگ سبب يورپ کي اقتصادي نقصان ٿي رهيو آهي
يورپي مرڪزي بئنڪ جي هڪ رپورٽ نتيجو ڪڍيو آهي ته ايران واري جنگ ۽ جاري واپاري تڪرار يورو زون جي اقتصادي واڌ کي متاثر ڪري سگهن ٿا، قرض وٺڻ جي لاڳت وڌائي سگهن ٿا ۽ ڪجهه ميمبر ملڪن لاءِ سرڪاري بجيٽن کي برقرار رکڻ کي مشڪل بڻائي سگهن ٿا۔ مالي مارڪيٽن گهڻو ڪري ايران واري جنگ کي نظرانداز ڪيو آهي، جنهن سبب اسٽاڪ مارڪيٽون بلند سطح تي آهن، ڪارپوريٽ قرضن جي قيمت گهٽ آهي ۽ 21 ملڪن تي ٻڌل بلاڪ ۾ سرڪاري بانڊن جي منافعن وچ ۾ فرق به گهٽ سطح تي آهي، جنهن سبب خدشو پيدا ٿيو آهي ته سيڙپڪار شايد خطرن بابت بي فڪر آهن۔ يورپ جي مرڪزي بئنڪ پنهنجي ڇهين مهيني واري مالي استحڪام رپورٽ ۾ چيو، “واڌ ۾ نمايان گهٽتائي ۽ وڌيڪ ڊگهي توانائي بحران وارو منظرنامو مالياتي استحڪام بابت نئين سر خدشا پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ سرڪاري بانڊ مارڪيٽن ۾ اوچتو قيمتن جي تبديلي آڻي سگهي ٿو۔” اهڙي تبديلي ڪارپوريٽ قرضن جي قيمت وڌائي سگهي ٿي، جنهن سان اهڙو چڪر شروع ٿي سگهي ٿو جيڪو مالي استحڪام ۽ حقيقي معيشت ٻنهي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. اهو خطرو خاص طور تي ان ڪري وڌيڪ شديد آهي، ڇاڪاڻته حڪومتون اڳ ئي دفاعي خرچن، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ توانائي قيمتن کان گهراڻن ۽ ڪمپنين کي بچائڻ لاءِ مالي قدمن جهڙن اهم منصوبن لاءِ وڏي پيماني تي خرچ ڪري رهيون آهن، جنهن سبب سندن مالي گنجائش محدود ٿي رهي آهي۔ يورپي مرڪزي بئنڪ وڌيڪ چيو، “دفاعي خرچن، گرين ٽرانزيشن ۽ توانائي جي وڌندڙ قيمتن کان بچاءَ لاءِ مالي قدمن سان لاڳاپيل سرڪاري مالي ضرورتون وچولي مدت ۾ دٻاءُ وڌائينديون۔”
ايران پاران تبريز ايئرپورٽ کولڻ جو فيصلو
ايراني سول ايويئيشن آرگنائيزيشن موجب، “تبريز ايئرپورٽ، جيڪو تازي جنگ دوران حملي جو نشانو بڻيو هو، هاڻي ايراني ماهرن طرفان بحال ڪيو ويو آهي ۽ اربع ڏينهن ٻيهر کوليو ويندو،” ايراني سرڪاري نشرياتي اداري IRIB هڪ ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو۔ هي ايئرپورٽ انهن ٻين هوائي اڏن ۾ شامل ٿيندو جيڪي آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ سبب پيدا ٿيل رڪاوٽن کان پوءِ ٻيهر فعال ڪيا ويا آهن۔ اڳوڻين ميڊيا رپورٽن موجب ٻيهر کوليل ايئرپورٽن جو انگ 20 تائين پهچي ويو آهي۔
دشمن هاڻي هائبرڊ جنگ شروع ڪئي آهي، ايران
ايران جي انٽيليجنس وزارت چيو آهي ته دشمن “جنگي ميدان ۾ شڪست” کاڌي آهي ۽ هاڻي جنگ جا ٻيا طريقا اختيار ڪري رهيو آهي۔ وزارت موجب انهن طريقن ۾ معاشي دٻاءُ، سائبر حملا، هٿيارن جي اسمگلنگ، ٽارگيٽ قتل ۽ مخالف ميڊيا مهمون شامل آهن۔ وزارت چيو، “فوجي محاذ تي شڪست کاڌل دشمن هاڻي نرم جنگ، ذهني جنگ ۽ سماجي اشتعال انگيزي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي۔” فارس نيوز ايجنسي موجب وزارت خبردار ڪيو ته ايراني اختيارين ڪنهن به جاسوسي يا “عليحدگي پسند سرگرمي” خلاف “سخت قانوني ڪارروائي” ڪندا۔










