’جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا پوءِ سور نه رهندا ساڳيا‘

’جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا پوءِ سور نه رهندا ساڳيا‘

ليکڪ : اعجاز مهر
ڇنڇر تي صبح جو جڏهن کان ڊاڪٽ آڪاش انصاري جي ڀيانڪ موت جي خبر ٻڌم ته اڳ ۾ يقين ئي نه پئي آيو. جڏهن تصديق ٿي ته وڏو صدمو رسيو، سڄو ڏينهن غمگيني ۾ گذريو. سوچيم ڪجهه لکان پر ڪوشش جي باوجود ڪجهه لکي نه پئي سگهيم. وري سوچيم ته سنڌ جو ايڏو وڏو شاعر هو، محبوب ۽ مکڻ دوست هو، سندس باري ۾ جيڪا ڄاڻ آهي اها سندس چاهيندڙن سان شيئر ڪجي.
ڊاڪٽر جو پيدائشي نالو الله بخش انصاري هو، جيڪو سندس سرٽيفڪيٽ ۾ لکيل آهي. پر سنڌ واسي هن کي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ادبي نالي سان گهڻو سڃاڻين ٿا. سندس سوچ واقعي آڪاش جيڏي وسيع هئي.
هڪ ڀيري هن ٻڌايو ته قلندر جو ميلو هجي ڊپٽي ڪمشنر دوست سان واعدو ڪيائين تي استاد يوسف کي هو وٺي ايندو. استاد يوسف کيس ڳولڻ باوجود به نه پئي مليو، نيٺ هٿ ڪري سيوهڻ وٺي ويس. استاد يوسف چيو قلندر جي ميلي تي مان ڇا ڳائيندس؟ آڪاش چيو ته ان وقت هن هي گيت لکيو ته، جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا پوءَ سوسر نه رهندا ساڳيا، ڪندا سڀ مست قلندر! استاد يوسف رستي ۾ ئي ڌن ٺاهي ۽ جڏهن ڪلام ڳايو ته سڀني جي واهه واهه ٿي وئي.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري 25 ڊسمبر 1956 تي بدين جي ڳوٺ سعيد پور ۾ ڄائو، سندس والد الله ڏنو انصاري پاڻ به شاعر هو. آڪاش جي والده جنت خاتون انصاري شاهه لطيف جي عاشق هئي ۽ سندس ڪافي ڪلام برزبان ياد هوندو هو. آڪاش ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي ۽ هن اسڪول جي ڏينهن ۾ ئي شاعري شروع ڪئي هئي. آڪاش اسڪول ۽ ڪاليج وارن ڏينهن ۾ عبرت ميگزين جي ٻارڙن جي ٻاري ۾ لکندو به هو.
ابتدائي تعليم بعد هو بدين جي اسلاميا ڪاليج مان انتر ڪرن بعد لياقت ميڊيڪل ڪاليج م داخلا ورتي جتان ايم بي بي ايس ڪئي. شاگردي وارن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد کان ڪافي متاثر هو پر بعد ۾ رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هن ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ ڪيترائي شعر ان خلاف لکيا. هو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ به شامل رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو. هو فاضل راهو کان ڪافي متاثر هو.
ڊاڪتر آڪاش مکڻ طبيعت جو مالڪ هڪ کلڻو ملڻو ماڻهو هو. دوستن کانسواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ڊاڪٽري پيشي کان وڌيڪ هو ادب، شاعري، سوشل ورڪ ۽ صحافت سان به سلهاڙيل رهيو، سوال اخبار جو ايديٽر به رهيو.
16 نومبر 1993 تي جڏهن سامونڊي طوفان بدين کي تباهه ڪيو ته ان وقت هن سماجي خدمت لاءِ ڊاڪٽرن جي تنظيم ٺاهي متاثر ماڻهن کي طبي سهولتون پهچايون. جنهن بعد هن بدين رورل اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي (بي آر ڊي ايس) نالي اين جي او به ٺاهي. ان وقت ميان نواز شريف وزيراعظم هو ۽ اسين اسلام آباد مان ڪجهه صحافي سندس بدين واري دوري ۾ هيليڪاپٽر ۾ گڏ هئاسين ۽ امونڊي طوفان جي تباهي ڏسي دل روئي رهي هئي. خير…
ڊاڪٽر آڪاش انصاري سير سفر جو به ڏاڍو شوقين هو ۽ ٻڌائيندو هو ته هن دنيا جي 40 کان مٿي ملڪن جو سفر ڪيو آهي. سنڌ جي جهر جهنگ، ٿر بر کانسواءِ پاڪستان جي سڀني صوبن جا مشهور ماڳ به هن جا گهميل هئا. ڊاڪٽر آڪاش ڪڪنگ جو به شوقين هو ۽ ٻين طعامن کانسواءِ مڇي ڏاڍي ڀلي ٺاهيندو هو.
ڊاڪٽر آڪاش سان ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ۾ ڪافي ڪچهريون ٿيون پر ٻه ڀيرا ساڻس بدين گهر تي به ڪچهريون ٿيون. ساڻس 2024 ۾ آخري ڀيرو ملاقات ۽ ڪچهري اسلام آباد ۾ ٿي.

اسلام آباد ۾ ساڻس ٿيل آخري ڪچهري جو فوٽو.

هن پنهنجي شاعري جو انگريزي ترجمي وارو ڪتاب ڏنو. An elegy for the brave hearts of tomorrow. Poems of love, revolution and resolve. سندس چونڊ گيتن جو انگريزي ۾ ترجمو ڊاڪٽر سحر گل ڪيو هو.
ڊاڪٽر کي جگر جو مرض به لاحق هو ۽ جگر جي پيوندڪاري جو آپريشن به ٿيو هو.ان جي باوجود به هو خو ش رهندو هو ۽ مذاق ۾چوندو هو ته هاڻي منهنجو نئون جگر آهي جواني جيان پيئندس. سندس اهو جملو ۽ ڏنل ٽهڪ اڃان به ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. سڄي سنڌ سان هنن سٽن ذريعي تعزيت ڪريان ٿو ته اي سنڌ واسيو سنڌ جو آڪاش به وڇڙي ويو، اهڙن ماڻهن جو ٻيلي جيئري قدر ڪريو. دعا آهي ته شال ڏڻي کيس سکيو رکيس.

پهنجو تبصرو موڪليو