اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سومر تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي گهر ڀاتين جا ٽيڪس رڪارڊ ”غير قانوني ۽ غير ضروري“ ليڪ ٿيڻ جو نوٽيس وڍندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو آهي ته “هي واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل رازداري جي خلاف ورزي آهي .” بيان ۾ چيو ويو آهي ته تحقيقاتي خبرن جي ويب سائيٽ فيڪٽ فوڪس جي هڪ رپورٽ کان هڪ ڏينهن بعد، جنهن ۾ ٽيڪس ريٽرن ۽ ملڪيتن جو حوالو ڏنو ويو آهي، دعوي ڪئي آهي ته آرمي چيف جي خاندان گذريل ڇهن سالن ۾ اربين رپيا گڏ ڪيا.وفاقي وزير وزيراعظم جي خصوصي معاون (ايس اي پي ايم) روينيو طارق محمود پاشا کي ذاتي طور تي ٽيڪس قانون جي ڀڃڪڙي جي فوري جاچ جي اڳواڻي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. کيس چيو ويو آهي ته غير قانوني طور معلومات ليڪ ڪندڙ اهلڪارن جي نشاندهي ڪندي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ياد رهي ته فيڪٽ فوڪس تي اڳ ۾ جنرل عاصم سليم باجوا جي ملڪيتن جو به تفصيل جاري ڪيو ويو هو.










