اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جسٽس ڪي ڪي آغا وفاقي آئيني عدالت جي جج جو حلف کڻي ورتو، سربراهه آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان کانئس حلف ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي آئيني عدالت جي پنجن ججز لاءِ حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر، جسٽس محمد اعظم خان، جسٽس انعام امين منهاس، جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس محمد آصف شرڪت ڪئي. آئيني عدالت جي سربراهه جسٽس امين الدين خان جسٽس ڪي ڪي آغا کان حلف ورتو.










