ججن جو انگ ۽ فوجي سربراهن جي مدي ۾ واڌ جا بل ٻنهي ايوانن مان منظور

ججن جو انگ ۽ فوجي سربراهن جي مدي ۾ واڌ جا بل ٻنهي ايوانن مان منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پارليمان جي ٻنهي ايوانن مان اڪثريت راءِ سان سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽن جي ججن جو انگ ۽ ٽنهي هٿيار بند فوجن آرمي، نيوي، ۽ ايئرفورس جي سربراهن جي مدت 3 سال کان وڌائي پنج سال ڪرڻ جا بل منظور ڪرائي ورتا آهن. اڱاري تي هي سڀ بل قائم مقام صدر سيد يوسف رضا گيلاني کي صحيحن لاءِ پيش ڪيا ويندا ۽ سندس صحيصحن بعد قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ۽ هي سڀڀ بل قانون بڻجي ويندا. حڪومت اڳ ۾ قومي اسيمبلي ۽ بعد ۾ ايوان بالا سينيٽ مان هي بل منظور ڪرايا ويا. پي ٽي آءِ اڳواڻن گوهر خان ۽ عمر ايوب چيو ته حڪومت من پسند جج مقرر ڪري عدليا تي حڪومت جو ڪنٽرول وڌائڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته فپجي سربراهن جي مدي م واڌ سبب اداري تي منفي اثر پوندو. ان کان اڳ بچاءَ واري وزير خواجا آصف آرمي ايڪٽ 1952 ۾ ترميم جو بل 2024 پيش ڪيو.  قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، پاڪستان نيوي ترميمي بل ۽ سڀني سروسز چيفس جي ملازمت جو مدو 5 سال ڪرڻ جو بل به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. حڪومت قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سمورا بل ضمني ايجنڊا ذريعي آندا. قومي اسيمبلي سروسز چيفس جو مدو 5 سال ڪرڻ جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2024 به منظور ڪيو ويو. بل تحت پاڪ فوج ۾ جنرل جي رٽائرمينٽ جا قاعدا آرمي چيف تي لاڳو نه ٿيندا، مقرري، ٻيهر مقرري يا واڌ جي صورت ۾ آڙمي چيف جنرل طور ڪم ڪندو رهندو. ان کانسواءِ ايوان پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۽ پاڪستان نيوي ترميمي بل به اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، اسپيڪر بلن جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائي 34 ڪيو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته آئيني عدالت لاءِ ججن جي ضرورت هئي، ججن جو انگ وڌائڻ جو مقصد التوا وارن ڪيسن کي گهٽائڻ آهي.قانون واري وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل به ايوان ۾ پيش ڪيو.بل پيش ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 34 تائين وڌائڻ لاءِ قانون سازي جو عمل شروع ڪيو ويو پر ان دوران ايوان ۾ مخالف ڌر جو شور شرابو جاري رهيو. مخالف ڌر اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيرو ڪري احتجاج ڪيو ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 34 ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو، بل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کانسواءِ هاڻ ججن جو انگ 33 ٿي ويندو.ان کانپوءِ قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2024ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.قومي اسيمبلي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڪٽ ۾ ترميمي بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت هاءِ ڪورٽ جي ججن جو انگ 9 مان وڌائي 12 ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به ججن جو انگ وڌائڻ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميم ايڪٽ کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر سينيٽر عرفان صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو. ايوان ۾ سينيٽر ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جو بل پيش ڪيو، جنهن تي ڳڻپ ٿي ۽ ان کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. پوءِ اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بل ۾ ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. بل جي منظوري دوران ايوان ۾ اپوزيشن سخت نعريبازي ڪندي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو، صورتحال کي ڏسندي سارجنٽ ايٽ آرمز کي طلب ڪيو ويو. پوءِ بچاءَ واري وزير خواجا آصف پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن تي راءِ شماري ۾ ان جي حق ۾ ووٽ آيا ۽ پريزائيڊنگ آفيسر بل جي منظوري جو اعلان ڪيو. خواجا آصف پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۾ ترميم جو بل 2024 پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، جڏهن ته پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961 ۾ ترميم جو بل به منظور ڪيو ويو. قانون سازي سان سروسز چيفس جي ملازمت جو مدو 3 سالن مان وڌي 5 سال ٿي ويندو، پوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو