جاپاني وزيراعظم پاران استعيفيٰ ۽ ايندڙ اليڪشن نه وڙهڻ جو اعلان

جاپاني وزيراعظم پاران استعيفيٰ ۽ ايندڙ اليڪشن نه وڙهڻ جو اعلان

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪشيدا استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب جاپاني وزيراعظم فوميو ڪشيدا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو ايندڙ مهيني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو. فوميو ڪشيدا جو چوڻ آهي ته عوام جي اعتماد کانسواءِ سياست نٿي هلي سگهي، هن سياسي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم سان عوام جي ڀلائي خاطر استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته هو لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ جي حيثيت سان ٻيهر چونڊ نه وڙهندو.پرڏيهي خابرو اداري موجب فوميو ڪشيدا استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو عوام ۾ بي اعتمادي، سياسي ڇڪتاڻ ۽ ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ سبب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو