تحرير ابراهيم لاشاري
سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش ۽ جذبي سان پھريون ڀيرو 2009ع ملهايو ويو. مگر انھي ايڪتا ڏھاڙي کي ھڪ ٿي ملھائڻ لاء ھاڻ ھر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي ملھايو ويندو آهي اڄ 6 ڊسمبر آچر جو ڏينھن ٽوپي اجرڪ وارو ايڪتا جو ثقافتي ڏهارو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ يادگار ڏينهن طور تي ملھايو ويندو ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌي قوم ڪڏهن به عملي طور تي سنڌي قوم هئڻ جي مالها ۾ گڏ ٿي ناھي رهي سگھي . قبيلائي، ذاتي محور کان سنڌي قوم ڪڏهن ٻاهر نڪري ئي ناھي سگھي . سنڌ جي سموري تاريخي سفر ۾ سنڌي ماڻهو ٽولن، توڙي قبيلن جي شڪل ۾ مزاحمت پئي ڪئي آهي يا بچاءُ پئي ڪيو آهي. هڪ تاريخي قوم عملي طرح سان پنهنجي قوم هئڻ جو ثبوت ھاڻ ھر سال پھرين آچر ڊسمبر تي عيد جو ڏھاڙو ڪري ملھائڻ جي روايت عام ڪرڻ جي اوسيڙي رھندي پئي اچي جنهن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين واھي پانڌي کان وارھ تائين اوڀر کان اولھ ۽ اتر کان ڏکڻ تائين چوطرف سڄي سنڌي قوم پهريون دفعو، ذات، مذهب، سياسي لڳ لاڳاپي کان بالاتر ٿي برٿ ڀريل ڪاون ۽ رنگ برنگي ٽوپي اجرڪ سان رنگين نظر آئي. سنڌي قوم ڪر موڙي پنهنجي ثقافت جي بچاءِ لاءِ ھاڻ ٻاهر نڪري آئي آھي جنهن کي تاريخ جو اهم ڏينهن چئي سگهجي ٿو. هن عمل جي شروعات توڙي منظر ۽ پسمنظر ۾ سنڌي قوم ڇا حاصل ڪيو ڇا وڃايو ڪهڙين ڌرين جا ڪهڙا مفاد ۽ دلچسپيون آهن، ان ڏس ۾ هن ڏهاڙي کي مختلف رخن کان ڏسڻ جي پڻ ضرورت آهي.ھت آء سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا يا پرنٽ ميڊيا جي سڀني ڌرين کي جس ٿو پيش ڪيان جو سمورا ويڇا اختلاف ختم ڪري سنڌ سان گڏ سڄي دنيا کي ھڪ پيغام ڏنو آ هي اسين امن پرست سنڌ واسي پنھنجي ڌرتي ماءُ پنھنجي ٻولي پنھنجي ثقافت جي بھتر نموني سان حفاظت ڪري سگھون ٿا ھي ڏھاڙو ھاڻ ھڪ تاريخ تي گڏجي ملھائڻ تنھڪري اڄ واري ثقافتي ڏھاڙي ملھائڻ جو عنوان آ( سنڌ منهنجي جند ) پڻ آھي انھي ڪري اڄ نفرت اناء ختم ڪرڻ وارو ڏينھن عيد جيان خوشي طور ھر وستي ھر شھر ھر واھڻ منجھ ته ملھايو ويندو مگر ڌرتي جي ھر ھڪ خطي منجھ سنڌ واسي رھندڙ سنڌي لباس پھري اجرڪ ٽوپي پٽڪي جا ور ڏئي پنھنجي ثقافتي ڏھاڙي کي وڏي عقيدت ۽ خوشي سان پڻ ملھائڻ جا سڀ رنگ ظاھر ڪندي نظر ايندا ھر طرف خوشي وارو سماع هوندو.دنيا ۾ جيڪي به تبديليون آيون آهن اهي ننڍڙن ماڻهن آنديون آهن. جڏهن اهي تبديليون انهن ننڍڙن ماڻهن آنديون تڏهن اهي تاريخ جا وڏا ماڻهو ٿي اڀري پيا ۽ دنيا ۾ شخص ائين ئي ننڍڙي ڪوشش سان وڏا ٿي پون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسين سڀئي ھڪ رنگا رنگي مالھا منجھ زنجير بڻجي پنھنجي عيد جو ڏينھن شاندار نموني سان ملھائي رھيا آھيون اجرڪ ٽوپي جو ھي ھن ثقافتي ڏينھن ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ فرد نھايت احترام ۽ شاندار نموني سان ملھائڻ ڪاڪسر ناھي ڇڏي پنھنجي تعليمي ادارن ۾ ھن ڀيري ڪرونا جي موڪلن سبب ھي ڏينهن سنڌ يونيورسٽي کان سواء سنڌ ڌرتي ٻين علمي ادارن جھڙو اسڪولن ء ڪاليجز ء سنڌ جي ھر شعبي ۾ شاندار نموني سان ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويندو ھو مڱر وقت جي نزاڪت کي ڏسندي ھي ڏھاڙو انھن ادارن منجھ ملھائي نہ سگھنداسين ڇو جو تعليمي ادارا ڪرونا جي سبب ڪري بند آھن پنھنجو ثقافتي ڏھاڙو ٻين سرڪاري ادارن توڙي غير سرڪاري ادارن منجھ لاجواب نموني سان پڻ ملھايو پيو وڃي سنڌي ماڻھون پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء مختلف طريقن رنگن سان پنھنجي گھر عمارتن گاڏين روڊن رستن شھرن توڙي ڳوٺن منجھ ثقافتي لباس پھري ٽوپي اجرڪ ڪلھن تي رکي لوڪ گيتن تي رقص پڻ ڪري مچ ڪچھريون ڪري سڄي جھان کي اھيو پيغام ڏين پيا ته اسين زندھ قوم آھيون زندہ قومون پنھنجي ورثي ثقافت کي ئي زندہ رکڻ جو فن رکنديون آھن . ھن سھڻي من موھيندڙ ثقافتي ڏھاري تي ھر رنگ نمايا نظر ايندو آھي جھڙوڪ انھي عيد نما ڏڻ تي سنڌي ماڻھو ڌرتي جي مختلف ھنڌن تي شھر ھجي يا ڳوٺ منجھ ڏاندن, اٺن, گھوڙن ۽ ٻين جانورن جا مقابلا ڪرايا ويندا آھن ثقافتي ڏينھن مختلف رانديون جھڙوڪ ونجھ وٽي, ڪوڏي ڪوڏي, ٻھلاڙو والي بال, ڪرڪيٽ راندين جا ميدان سينگاري مقابلا پڻ ڪري خوشي ملهائيندي نظر ايندا آھن ھن ڏھاڙي تي راڳ سماع لوڪ ادب ڪچھريون جھڙا بھترين پروگرام مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمون پروگرام ترتيب ڏئي چوڏھن چنڊ لڳائي چڏينديون آھن ھن ثقافتي ڏينھن تي سنڌ جا ماڻھون پنھنجن پيارن کي سنڌي ٽوپي اجرڪ جا تحفا پڻ جھجي انداز سان ھڪٻئي کي ڏئي سرھائي محسوس ڪندا آھن ٽوپي اجرڪ جو ھي ايڪتا ڏينھن ھاڻ ھر سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ھاڻ سڄي دنيا منجھ جتي بہ سنڌي رھن پيا اتي وڏي گرم جوشي ۽ عيد ڏينھن ڪري ملھايو پيو وڃي ھن ثقافتي ڏھاڙي کي اخبارن رسالن ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا پڻ ڀرپور نموني موٽ ڏئي شاندار نموني اسٽوري لائيو نشريات سان پڻ سونھن بخشن ۾ ڪا گھٽتائي ناھي آندي برحال ھي ٽوپي اجرڪ ايڪتا ڏھاڙو گذريل سالن جي ڀيٽ منجھ ھن سال 2020 ع نھايت جوش ۽ جذبي سان ملھايو پيو وڃي ھن ايڪتا ڏھاڙي ملھائڻ لاء ماڻھن منجھ ڏينھون ڏينھن دلچسپي ۾ اضافو نظر اچي پيو سنڌ جي سرموڙ ناليواري شاعر تاجل بيوس پنھنجي زباني ڪھڙي نه بھتر ڳالھ شاعري واري زبان ۾ ڪئي آھي.سنڌ منھنجي امان سونھن تنھنجي مٿان ڇالکي ڇالکان.ھڪڙو قلم ۽ ھڪڙو مان ڇا لکي ڇالکان.منھنجي نماڻي دعا ته سنڌ ڌرتي ھميشه خوشال امن سلامتي جو گھوارو رھي پنھنجي ڌرتي تي رھندڙ سڀئي ھميشه ثقافت جيان شادآباد رھن, لاکيڻي لطيف ڀٽائيءَ سڳوري جي دعا سان ته سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار, دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين .










