توشه خانه ڪيس 2: عمران ۽ بشريٰ جا عدالت ۾ ڏنل بيان اچي ويا

توشه خانه ڪيس 2: عمران ۽ بشريٰ جا عدالت ۾ ڏنل بيان اچي ويا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) توشه خانه ٽو ڪيس جي سلسلي ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جا عدالت ۾ ڏنل بيان سامهون اچي ويا آهن. پي ٽي آءِ باني چيئرمين طرفان پنهنجي دفاع ۾ عدالت ۾ ڏنل 342 جي بيان ۾ چيو آهي ته ڇا 2018 ۾ توشه خانه پاليسي موجب تحفي بابت صرف رپورٽ نه ڪرڻ تي ايڪشن کڻي سگهجي ٿو؟ توشه خانه تحفه 7 کان 10 مئي 20221 جي وچ ۾ وصول ڪيا ويا انهي تي به نيب ڪيس تيار ڪيو ويو. بيان موجب ايف آءِ اي جي اختيار جي حوالي سان توشه خانه رولز مڪمل خاموش آهن. انهي بنياد تي چوٿون جعلي توشه خانه ڪيس ۾ مون کي ۽ منهنجي گهر واري کي بري ڪرڻ بڻجي ٿو. نومبر 2022 کان منهنجي خلاف اهڙا هٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. انعام الله شاهه مُک گواهه آهي جنهن تي ڀروسو ڪجهه سبببن جي ڪري نٿو ڪري سگهجي. عمران خان بيان ۾ وڌيڪ چيو ته بدديانتي سبب 2 پگهارون وٺڻ تي انعام الله شاهه کي وزيراعظم آفيس مان برطرف ڪيو ويو. انعام الله شاهه جهانگير ترين جي ٽول جي طور تي ڪم ڪري رهيو هو. انعام الله شاهه پهريان نيب ريفرنس ۾ بطور گواهه پيش ٿيو ته بلغاري سيٽ جو ذڪر به نه ڪيو ويو. عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل 342 جو بيان به سامهون اچي ويو جنهن موجب بلغاري جيولري سيٽ رولز موجب ادائيگي ڪري پاڻ وٽ رکيو. انعام الله شاهه کي صهيب عباسي کان گهٽ قيمت لڳائڻ جو ڪڏهن ناهي چيو. انعام الله شاهه پهريان پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ پوءِ وزيراعظم هائوس ۾ به ملازم هو. انهي کي 2 جڳهين تان پگهارون وٺڻ تي برطرف ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فرض ڪريو انعام الله مون کي گهٽ قيمت لڳائڻ تي 3 ارب 20 ڪروڙ جو فائدو ڏنو. فرض ڪريو مئي 2021 ۾ جيڪڏهن مون کي فائدو ڏنو، پوءِ جولاءِ 2021 ۾ صرف 70 هزار کان وڌيڪ پگهار کڻڻ تي ڇو هٽايو ويو؟ اسان جي خلاف پراسيڪيوشن جو ڪيس ختم ٿئي ٿو جنهن جون حقيقتون صحيح نه آهن. بشريٰ بي بي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نيب جو اختيار جو دائرو نه آهي. اٽلي مان لڳايل قيمت کي بطور شهادت جي طور تي پيش نٿو ڪري سگهجي. نيب چيئرمين بنا اختيار 23 مئي 2024 تي واعده معاف گواهه صهيب عباسي کي معافي ڏني. انعام الله شاهه جي ذريعي صهيب عباسي کي گهٽ قيمت لڳائڻ جو پيغام ڏيڻ وارو الزام صحيح نه آهي. ايف آءِ اي ڪڏهن به جاچ ناهي ڪئي. بيان ۾ بشريٰ بي بي چيو ته پنهنجي رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي هٿ ٺوڪئي رپورٽ جمع ڪرائي وئي. توشه خانه ون ڪيس ۾ گواهه انعام الله ۽ صهيب عباسي بلغاري سيٽ جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو هو. پريدار عورت آهيان ڪڏهن به ڪنهن سياسي سرگرمي ۾ حصو ناهي ورتو. انعام الله شاهه کي قيمت گهٽائڻ لڳائڻ بابت ناهي چيو. بشريٰ بي بي چيو ته هاءِ ڪورٽ آرڊر ۾ لکيو ايف آءِ اي وٽ ڪيس ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي. هڪ ئي ڏوهه تي هر ڀيري سزا نٿي ئي سگهجي. جهڙي طرح توشه خانه ۾ ڪيو پيو وڃي. ايف آءِ اي جو پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس، سائفر مان ڪجهه نه مليو ته هاڻ اهو ڪيس ٺاهي ڇڏيو. ياد رهي ته عدالت 29-29 سوالن تي ٻڌل قلم 342 جو سوالنامو پي ٽي آءِ باني ۽ انهي جي گهر واري بشريٰ بي بي کي ڏنو هو، جنهن کان پوءِ ٻنهي جوابدارن گذريل ڏينهن 342 جو بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو