سکر(جيرام داس ) نيب پاران لاڙڪاڻي جي تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ اڪائونٽس آفيسرن کي 24 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعدالله خان مسعود جي صحيح سان جاري ٿيل ليٽر وسيلي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر، ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري ۽ اڪائونٽس آفيسر کي رڪارڊ سميت 24 جنوري تي گهرايو ويو آهي.

کين نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر دانش اقبال اڳيان پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي. ذريعن موجب کانئن تعليم کاتي ۾ ڪيل 4400 ڀرتين جي جاچ ڪئي ويندي. اهي ڀرتيون 2008ع کان 2012ع جي مدي ۾ ڪيون ويون هيون. ان چئن سالن ۾ 3200 پرائمري 750 سيڪنڊري ۽ ٻيا ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جا ملازم ڀرتي ڪيا ويا. ان ڀرتين ۾ ڪرپشن جي شڪاتن سبب جاچ ڪئي پئي وڃي.










