تعليم حاصل ڪيو سنڌي قوم جو وجود بچايو!!!

تعليم حاصل ڪيو سنڌي قوم جو وجود بچايو!!!

مير حسن رند
هن وقت دنيا ۾ ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ۽ سٺي ساک رکندڙ ھر ملڪ ۾ زياده کان زياده تعليم تي زور ڏنو پيو وڃي تعليم ئي هڪ اهڙو خوبصورت زيور آهي جنهن کي جيترو به تراشيندا تعليم حاصل ڪندا ان ۾ بهترين نکار پيدا ٿيندا جن قومن تعليم تي پنهنجي خوبصورتي سان زور ڏنو آھي انهن قومن پوري دنيا تي حڪومت ڪئي آهي تعليم سان ئي معاشري ۾ بهتري ۽ ڀلائي پيدا ٿيندي آهي تعليم سان ئي انسان ۽ جانور ۾ فرق پيدا ٿيندو آهي تڏهن ته چوندا آهن قلم کان وڌيڪ طاقتور ٻي ڪا به شي نه آهي قلم ۾ الله پاڪ ايتري طاقت رکي آهي جنهن جي نازڪ نوڪ سان دنيا جي طاقتور هٿيارن جا منهن موڙيا ويندا آهن پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جي سونهاري سنڌ ۾ ته تعليم جيئن پوء تيئن پوئتي ۽ تباهي جي ڪناري تي ٿيندي پئي وڃي اسان جي سنڌ صوبي جي تعليم جو اهڙو حال آهي جنهن تي لکندي ئي اکيون لڙڪن سان ڀرجيو ٿيون اچن ته آخر ڇا ٿيندو سنڌ جو سنڌ جي تعليم جو سنڌ جي معصوم ٻچن جو چوندا آهن جنهن به قوم کي تباه ۽ برباد ڪرڻون آهي ته سڀ کان پهرين ان قوم جي تعليم ختم ڪريو اها قوم پنهنجو پاڻ تباھ ٿي ويندي آهي هتي سنڌ ۾ به اهڙيون حالتون آھن هن بدنصيب قوم کان به تعليم ڦري پئي وڃي ان ۾ ڪو ملائڪن جو هٿ نه آهي پر اسان جي پنهنجي سنڌين جو ئي هٿ آهي جيڪي واڇون ٽيڙي هنڀوشيون هڻڻ ۾ پورا مس هوندا آهن هر قوم جو بنيادي ايڪو تعليم هوندي آهي پر هتي سنڌ ۾ بنياد کان ئي تعليم تباه آهي پرائمري کان ويندي اعلي تعليم تائين نه پڙهائڻ وارا آھن ته نه وري پڙهڻ وارا آهن ڏک جي ڳالھ اها آهي ته سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڪٿي ڪٿي ته نه اسڪول نه مدرسه آهن پر جتي آهن ته اتي وري انهن اسڪول جون عمارتون صفا ڀوت بنگلا لڳا پيا آهن ڪٿي ته اسڪول وري اسان جي جاهل ۽ اڻپڙھيل انسانن جي قبضي ۾ آهن خدارا هي اڌ صدي کان مٿي وقت گذري ويئي آهي هن مظلوم ۽ لاچار قوم تي ۽ قوم جي ٻچڙن تي رحم کائو گهٽ ۾ گهٽ تعليم جهڙي بنيادي حق کان ته محروم نه ڪريو۔سنڌ جي تعليم جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي جنهن قوم وٽ تعليم نه هوندي ته پوء ان قوم جا معمار ڌاڙيل، چور، دلال نه ٿيندا ته ڇا ان قوم وٽ ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل سائينسدان ۽ قانوندان ٿيندا۔۔؟
تعليم نه هئڻ جي سبب ان قوم جا ٻار منشيات کپائيندا ۽ منشيات وپرائيندا جنهن سان ڪنهن هڪ نسل جي نه پر نسلن جي تباهي ٿيندي. جنهن جا زميوار اسان جا ايوانن ۾ ويٺل سنڌي نمائندا آهن ۽ اهي زميوار رهندا جيڪڏهن اسان کي پنهنجي سنڌ بچائڻي آهي ته پوء پيٽ تي پٿر رکي به پنهنجي معصوم ٻارن کي تعليم جهڙي نوري زيور سان نوازيو جنهن سان نه صرف بک بدحالي ختم ٿيندي پر اسان جي سٻاجهي سنڌ سکي ستابي ۽ روشن ٿيندي۔ جيڪا قوم بک ۽ بيروزگاري جي ڪري صرف 12000 هزار روپين لاء صبح کان رات تائين قطارون ۾ بيٺل هجي ته اتي تعليم ڪيئن ٿي پرائي سگهجي هتي ته سبق ئي پنڻ جو ٿو پڙھايو وڃي جتي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم بلڪل ختم هجي اسڪول ويران گهوڙن ۽ گڏهن جا تبيلا هجن اتي تعليم ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي جتي استاد چورن جي ڪمداري ۽ منشي گيري ڪندا هجن اتي تعليم ڪيئن ٿي حاصل ٿي سگهي خدارا سڀ کان پهرين اسڪولن کي فعال بنايو استادن کي پابند ڪريو ۽ تعليم سٺي ۽ معياري ڪريو ته جيئن سنڌي قوم کي لاڀ ملي سگهي. هر غريب جو ٻار تعليم حاصل ڪري سگهي سنڌي قوم ۽ معاشري جا سڀ کان پهرين بنيادي حق، تعليم، صحت، قانون جي بالادستي هجڻ آهي پر هن قوم جي بد نصيبي اها آهي ته هي سنڌي قوم انهن بنيادي سڀني حقن کان محروم آهي جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ تعليم جو نه هجڻ آهي تعليم جي باري ۾ چوڏانھن سئو سال پهرين اسان جي پياري نبي پاڪ جن فرمايو ته علم حاصل ڪريو پينگهي کان قبر تائين۔ پوء ڇو نه کڻي توهان کي ان لاء چين وڃڻون پوي ڇا ته تعليم جي اهميت ۽ معيار آهي اهو ته اندازو توهان ۽ اسان حضور صلي الله عليه واله وسلم جن جي فرمايل لفظن مان لڳائي سگهون ٿا۔
ڏوھ ڪنهن جو به نه آهي هن سنڌي قوم جو ڏوھ صرف اهو آهي ته تعليم ۽ ڄاڻ نه هئڻ جي ڪري اسان سچ ۽ ڪوڙ کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا پيا اچون جنهن جي ڪري سنڌي قوم جي تعليم جي هٿ سان ٻيڙي ٻوڙي پئي وڃي ٻي بد نصيبي وري اها آهي ته هت وري خانگي اسڪولن ۾ جيڪا تعليم ڏني پئي وڃي ان کي ته صرف ڪاروبار بڻايو ويو آهي اهي نجي اسڪول جنهن ۾ بي روزگار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون صرف چار هزار کان ڇھ هزار تي نوڪري ڪندي نظر ايندا هاڻ ڀلا توهان کڻي ٻڌايو جتي تعليم جو ڪاروبار ڪيو وڃي ان قوم جي حالت ڇا ٿيندي. نجي اسڪولن ۾ صرف وچولي طبقي جا ۽ ان کان مٿي پئسي وارن جا ٻار پڙهندي نظر ايندا باقي غريبن جا ٻار بک ۽ بدحالي جي سبب سڄو ڏينهن سرن جي بٺن تي ڪم ڪندي تگاريون کڻندي مزدوريون ڪندي نظر ايندا ائين نه ڪندا ته پيٽ ڪيئن ڀريندا سڀ کان وڌيڪ معني خيز ڳالھ اها آهي ۽ تعجب جي ڳالھ چئجي ته گهٽ نه ٿيندو سرڪاري اسڪولن جي استادن جا ٻار به نجي اسڪولن ۾ پڙهندي نظر ايندا جنهن جو ڪارڻ صرف اهو آهي ته اهي استاد سرڪاري اسڪولن ۾ سوائي ڪچهريون ڪرڻ جي ۽ مانيون کائڻ ۽ کارائڻ جي ٻيو ڪجھ به نه ڪندا آهن پوء جنهن اسڪولن ۾ پڙهائي ئي نه هوندي ته اتي اسڪول ۾ سندن ٻار ڪيئن پڙهندا ۽ نجي اسڪولن جي حالت اها آهي ته سندن اسڪولن جون فيون ڳاٽي ٽوڙ جيڪي مسڪين ٻه ويلا ماني کائيڻ جي مشڪل ۾ ھجن اهي مائٽ پنهنجي ٻارن کي اهڙن مهانگن اسڪولن جو خرچ ڪيئن برداشت ڪندا اهڙي طرح سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهڙي نظرثاني نجي اسڪولن تي به ڪئي وڃي ته جيئن سنڌي قوم پنهنجا ٻار پڙهائي سگهي هي مسڪين قوم به اسرندڙ ۽ سڌريل قومن سان پنهنجا قدم ملائي سگهي ۽ پنهنجن ننگن ۽ دنگن جو تحفظ ڪري سگهي۔
خدارا ڪجھ ڪريو هن سنڌي قوم جي حال تي رحم کائو متان ائين نه چوڻون پوي ته ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي هئي۔ جنهن کان بچڻ لاء صرف هڪ ئي رستو آهي ته تعليم حاصل ڪريو پوء ان جي لاء ڇو نه اسان کي تڪليفن کي منهن ڏيڻون پوي بکون ڪاٽيون پر تعليم حاصل ڪريون پيٽ تي پٿر ٻڌو پر تعليم حاصل ڪريو ۽ پنهنجي معصوم ٻچڙن کي 21 صدي ۾ شامل ڪريو متان ڏينهن قيامت جي پروردگار عالم جي اڳيان شرمنده نه ٿيڻو پوي۔۔

پهنجو تبصرو موڪليو