مير ذوالفقار چانڊيو
سنڌ حڪومت پاران تازو تعليم کاتي ۾ ميرٽ تي عمل درآمد ڪندي 55 ھزار جي ويجھو ماسترن توڙي ماسترياڻين کي جوائننگ آرڊر ڏئي ڪري ڪافي سالن کان بند پيل ھزارين اسڪولن کي کولي مفت ۾ تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جون جولاءِ گرمين جي موڪلن کانپوءِ ھر ھنڌ اسڪول کلڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جيڪي ڪافي سالن کان اسڪول بند ھئا اھي به نئين ڀرتين ۾ کلي ويا آهن پر افسوس ته تعليم کاتي ۾ آفيسرن جي پنھنجي نواز پاليسي ۽ غلط فيصلن سبب موجوده حالتن ۾ ھڪ دفعو وري تعليم جي تباھي ٿي رهي آهي جنهن سان پڻ ڪافي ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي ڪافي اھڙا اسڪول آھن جتي ضرورت کان وڌيڪ استادن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي جنھن کي پنھنجي نواز پاليسي چئجي يا وري غلط ورڇ چئجي ته ڪو وڌاء نه ٿيندو ٻئي پاسي وري ڪافي اھڙا اسڪول آھن جتي پڻ استادن جي کوٽ اڃا تائين برقرار آهي ان سان گڏوگڏ ڪافي اھڙا اسڪول آھن جيڪي پڻ اڃا تائين بند پيل آهن جتي 55 ھزار ماسترن مان ھڪ ماستر نه ڏنو ويو آهي جيڪو اسڪول کي کولي ويھي ته واقعي اسڪول رڪارڊ ۾ کليل آھي جنھن جو واضح مثال ڳوٺ پير پريل شاھ ۾ بوائز پرائمري اسڪول آهي جتي موجوده تعليمي ڀرتين ۾ ھڪ به ماستر کي مقرر نه ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري ھي تاريخي پرائمري اسڪول گذريل ٻن سالن کان بند پيل آھي جنھن سبب سوين ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي بار بار تعليم کاتي جي آفيسرن کي نشاندهي ڪرڻ باوجود ھن اسڪول کي کولڻ لاء ڪو به اعلي آفيسر سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهيو آهي صرف عوام کي آسرن ۾ رکي مستقبل جي معمارن جو نقصان ڪري رهيا آهن اھڙي صورتحال کان پوءِ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ سڄي تعليم کاتي جي دشمني ڪا ان ڳوٺ سان آهي جنھن کي ھڪ به ماستر نٿو ڏنو وڃي ان کان علاوه ڳوٺ ۾ موجود گرلس پرائمري اسڪول ۾ ڪافي سالن کان صرف ھڪ ماسترياڻي تعليم ڏئي رھي آھي جيڪو پڻ ماسترياڻي سان وڏو ظلم آهي ٿوري سوچڻ جي ڳالھ آهي ته ڏيڊ سؤ جي لڳ ڀڳ نياڻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ صرف ھڪ ماسترياڻي مقرر ٿيل آهي ظاھري طرح ايترن ٻارڙين کي ھڪ ماسترياڻي تعليم ته وڏي مشڪل سان ڏئي سگهي ٿي پر افسوس ته ايڏي وڏي تعداد ۾ ٻارڙين کي سنڀالڻ به انتھائي مشڪل ڪم آهي ان کان علاوه موجوده حالتن ۾ ھزارين اسڪول اھڙا به آھن جتي پڻ سڄي اسڪول کي سنڀالڻ لاءِ صرف ھڪ ماستر مقرر ٿيل آهن ٿوري سوچڻ جي ڳالھ آهي ته نرسري پھرين ڪلاس کان وٺي پنجين ڪلاس تائين 200 کان 300 جي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ صرف ھڪ ماستر مقرر ٿيل آهن جيڪو ظاهري طرح ٻارن سان وڏو مذاق ۽ تعليم جي تباھي ٿي رهي آهي گھٽ مان گھٽ تعليم کاتي ۾ ڪو اھڙو نظام جڙيل ھجڻ گھرجي ته 30 ٻارن تي صرف ھڪ استاد مقرر ٿيل ھجي جنھن سان تعليم ۾ بھتري به اچي سگھي ٿي ۽ اسڪولن اندر استادن جي کوٽ به نه ٿي سگھندي وڏي ڳالھ ته پھرين آگسٽ کان اسڪولن ۾ پڙھائي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي پر افسوس ته اڄ 20 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اسڪولن ۾ ٻارڙن کي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن جنھن سان ٻارڙن جي پڙھائي سخت متاثر ٿي رهي آهي جيڪو پڻ تعليم لاءِ ڪنھن نقصان کان گھٽ ناهي جيڪڏهن تعليم کاتي ۾ اھڙي سستي ڪوتاهي وارو نظام ھلندو رھيو ته ايندڙ حالتن ۾ خبر ناهي تعليم جو ڇا حشر ٿيندو وڏي ڳالھ ته اسان جي سنڌ صوبي ۾ تعليم کاتي ۾ ھميشھ تجربا ڪيا ويندا آهن پر حقيقت ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ ڪو خاص بھتر نظام جڙيل نه آهي جنھن سان تعليم ۾ ڪجھ بھتري ٿي سگهي باقي ڏينھون ڏينهن تعليم کاتي ۾ نوان نوان تجربا ڪري تعليم جي تباھي ٿي رهي آهي ان ڪري سنڌ حڪومت سميت تعليم کاتي سيڪريٽري صاحب کان سوال آهي ته تعليم جي تباھي آخر ڪيستائين جاري رهندي ؟؟ تعليم کاتي ۾ پنھنجي نواز پاليسي آفيسرن جي ھٺ ڌرمي ڪيستائين جاري رهندي ؟؟










