تعلقه موومينٽ اڳواڻ جو احتجاج

تعلقه موومينٽ اڳواڻ جو احتجاج

باڊهه (ن سنڌيار) آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان تعلقي جو حقدار ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيون نمبر وڏو ۽ تاريخي شهر باڊهه تعلقي جي درجي کان محروم، باڊهه تعلقا موومينٽ جي پليٽ فارم تان گذريل 3 سالن کان احتجاجي سلسلو جاري هاڻي تحريڪ چوٿين سال ۾ شامل ٿي وئي. باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ٿيندڙ هر هفتي احتجاج جي سلسلي ۾ هن هفتي آچر واري ڏينهن به باڊهه تعلقا موومينٽ ڊپٽي ڪنوينرز زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ شامل باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل اڳواڻن دودو ديشي، علي انور عسڪري، محمد علي خشڪ، ڪامريڊ منور نوناري، اصغر نوناري، شمس الدين پنهور، عبدالله بروهي غفاري، سيد عاشق شاهه، سينيئر صحافي نظام ڪولاچي، نبي رضا بلوچ، طاهر نور هيسباڻي، محمد هاشم مدني سومرو، واحد سنڌي، محمد امين سيال، جي ايم چنجڻي، مور سنڌي، نادر سومرو، ڪاشف جوڻيجو، فقير جلال ساريو، بخشل مگسي سميت شهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه تعلقي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 3 سالن کان ڏک سک، غمي خوشي، عيدن توڙي عاشوري، طوفانن ۽ بارشن ۾ به احتجاج ڪري وقت جي حڪمرانن کي سندن ڪيل واعدا ياد ڏياري پنهنجي شهر لاءِ تعلقي جو بنيادي حق گهري رهيا آهيون. باڊهه واسي هاڻي سمجهي چڪا آهن ته باڊهه شهر فقط تعلقي بڻجڻ سان ئي ٻين ترقي يافتا شهرن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگھي ٿو ڇاڪاڻ ته باڊهه شهر جي آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان اڌ کان به ننڍا شهر تعلقا بڻجي ڪافي ترقي ماڻي چڪا آهن پر هن جديد دور ۾ به باڊهه واسي گٽرن جي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور بڻيل آهن، باڊهه شهر کان 12 ڪلوميٽر پري نصيرآباد شهر ۾ واٽرسپلائي جو پاڻي پھچي سگهي ٿو پر باڊهه واسي جر جو سنکيو مليل زهرآلود پاڻي پئيڻ تي مجبور بڻيل آهن جيڪو عمل مقامي اڳواڻن جي نااهلي جو هڪ پختو ۽ چٽو ثبوت آهي. اسان جا چونڊيل عوامي نمائندا فقط باڊهه شهر جي ماهوار هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بجيٽ کي تيل تماڪ ڪرڻ جي سياست ڪندا آهن پر عوامي مسئلن ٻڌڻ لاءِ هو ڪڏهن عوامي ميڙاڪي ۾ نه آيا آهن، باڊهه واسي پنھنجا بنيادي مسئلا کڻي سندن ڏانهن وڃن پوءِ به هو ملڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن جنهن ڪري باڊهه واسي هاڻي بيزار ٿي چڪا آهن ۽ پيپلزپارٽي پنهنجو اهو مقام تيزي سان وڃائي رهي آهي جيڪو پيپلزپارٽي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس وني بيگم نصرت ڀٽو هتان اليڪشن وڙهي ۽ وڏي اڪثريت سان سوڀ ماڻي ٺاهيو هو. پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان سوڀ ماڻيل مقامي ايم پي اي، ايم اين اي سميت سنڌ جي ٻن وڏن وزيرن، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ميڊم فريال ٽالپر ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن مختلف وقتن تي باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جا واعدا ڪري رهواسين کان ووٽ ورتا پر اڄ ڏينهن تائين اهي واعدا وفا نه ٿي سگهيا جنهنڪري باڊهه واسي پنهنجي ووٽ جي تذليل محسوس ڪري رهيا آهن ۽ سندن غم و غصي جو ثبوت هنن بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي ظاهر ڪيو جيڪڏھن ايندڙ عام اليڪشن تائين باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه مليو ته پيپلزپارٽي کي وڏو نقصان پهچندو جنهن جا ذميوار مقامي ايم پي اي ۽ ايم اين اي هوندا جيڪي پنهنجي تڪ جي عوام سان به سچا ثابت نٿي سگهيا آهن. وڌيڪ هنن چيو ته باڊهه تعلقا موومينٽ جي جدوجهد کي 3 سال مڪمل ٿي چڪا ۽ هاڻي اسان جي هي جدوجهد چوٿين سال ۾ پهچي چڪي آهي مقامي حڪمران ۽ انهن جا ڪجهه حمايتي اسان جي جدوجهد کي ڪمذور سمجهي رهيا آهن پر اسان کين اهيو واضح ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ايتري عرصي ۾ اسان جا حوصلا شڪني ٿيڻ بجائي هماليا جيان اوچا بيٺا آهن ۽ باڊهه کي تعلقو بڻائڻ تائين اسان هر هفتي پنهنجو احتجاج جاري رکنداسين. آخر ۾ هنن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت ٻين حڪمرانن کان مطالبو ڪندي چيو ته في الفور باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي شهرين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات تائين اسان جي هي جدوجهد جاري رهندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو