تحرير زوار حسين شاهه برحال ڪجهه به ٿئي پاڪستان اندر تبديلي هاڻ ممڪن ئي ناهي ان جا سبب ڪهڙا آهن اها به عوام کي خبر آهي بار بار جمهوريت جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙن به گهٽ ناهي ڪئي جن وٽ هڪ روپي نه هو هو هن وقت ارب پتي آهي جيڪي اليڪشن دوران ڪروڙين رويپا اليڪشن تي خرچ ڪندا اهي اتان عوام جو خون چوسي پيسا نه ڪمائيندا ته ٿيندو اهو ئي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي پر عوام ڪڏهن به شايد انهن قوتن جن ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو انهن کان لٽيل دولت واپس ڪرائي ويندي اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪنهن چور ۾ ڪو اداره هٿ وجهي پاڪستان آئين ۾ به ڪافي اهڙن ماڻهن کي رعايتون حاصل آهن انتهائي معذرت سان جڏهن به هو رعايت چاهي ٿو ته ان کي پاڪستان جي آئين قانون تحت ئي رعايت ملي ٿي پوء ضمانت هجي يا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي ڳالهه هجي اسان هن وقت به انهن ڀوتارن پيرن ميرن اڳيان بي وس نظر اچي رهياآهيون ، جيڪڏهن مان ڪرپشن ڪندڙن جي ڳالهه ڪندس ته شروعات ان قائد آعظم محمد علي جناح جي خطاب کان ڪندس ته جيڪڏهن پاڪستان جي وقار جي بلندي تي نظر وجهندا ته پوء توهان کي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان گهرجي ، جيڪڏهن دشمنن کي شڪست ڏيڻ چاهيو ٿا ته توهان کي هڪ قوم پاڻ کي ثابت ڪرڻو پوندو ، پاڪ دشمن قوتون ڪافي ڪوششن ۾ رڌل آهن ته پاڪستان اندر حالات خراب ڪيان وڃن جيئن پاڪستان ترقي نه ڪري سگهي ، پر انتهائي افسوس جو اسان جي باني پاڪستان جناب قائد اعظم محمد علي جناح جي ڳالهه کي به سمجهي نه سگهياسين خطاب جي ابتڙ ڪم ڪيوسين ، پوء هن وقت جو ڀلي پاڪستان نيوڪيلئر ايٽمي طاقت رکي ٿو پر پوء به اسان جو ملڪ بجلي ٻاهرين ملڪن کان انتهائي ڳرين قيمتن تي وٺي رهيو آهي ايٽمي قوت هوندي به اسان جو پاڪستان اڄ به بجلي جي وڏي بحران مان گذري رهيو آهي ، بجلي نه پاڪستان ۾ ملندي نه ٻين صوبن جي پورائي پئي ٿئي اهڙي صورت حال ۾ اسان ڪهڙي ترقي ڪري سگهنداسين ، اڪثريت ڪاروبار هن بجلي تي هلي رهيو آهي يا گيس تي هلي پيو ٻنهي شئين جي وافر مقدار هوندي به اسان وڏي اذيت مان گذري رهيا آهن ، منهنجي ڪالم جو عنوان وڏو دلچسپ آهي اهو ان ڪري جو پاڪستان سميت جيڪا سنڌ جي صورت حال آهي ان تي کلي سگهون ٿا روئي سگهون ٿا پر ڪري ڪجهه به نه ٿا سگهون ، ان جا سبب اسان کي ڳولهڻان پوندا ، هڪ سبب ته صرف خاص مان بيان ڪندس اهو صرف ڪرپشن ڪرپشن ڪرپشن ، جنهن جي ڪري عوام کي بنيادي سهولتون ته نه مليون پر ان جو جيئڻ به ، جنجال ڪيو ويو پاڪستان جنهن مان جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙ اهڙي ريت ته لٽيو جو ڪرپشن پاڪستان ۾ ڪري وڏي ڦڙتي سان مني لانڊرنگ ڪري لٽيل دولت ٻاهرين ملڪن ۾ مني لانڊرنگ هنڊي ذريعي موڪلي هن ملڪ کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو پر تعجب جي اها به ڳالهه آهي ته پاڪستان جي ادارن يا پاڪستان جي حڪومت ڪهڙي به هجي اها به روڪ ٿام ناهي ڪري سگهي ، جيڪڏهن هن وقت به اها صورت حال رهي ته پوء پاڪستان کي ائين ٽوڙيو ويندو جيئن روس کي ٽوڙيو ويو جيئن ماضي م بنگال کي پاڪستان کان جدا ڪيو ويو ، يا جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اهو به معلوم ٿيندو ته پاڪستان کي هٿ سان تباهه ڪرڻ ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ، پاڪستان جي عوام جو جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙن سياستدانن مٿان 40 فيصد ته ختم ٿي چڪو آهي پاڪستان اندر رياست پاڪستان جا اداره جنهن طرح سان ڪم ڪري رهيا آهن انهن تي به عوام جو خاص اعتماد ناهي رهيو ، جنهن جو هڪ ته مان پڪو ثبوت اهو به ڏيندس ته پاڪستان اندر ڪيترائي بنا ڪنهن سبب جي غائب ٿيو وڃن انهن مان پاڪستان خلاف نازيبان الفاظ ڳالهائڻ جو الزام پڻ آهي پر مان عرض ڪندس ته اهڙا ته نوجوان پاڪستان ۾ هزارين هوندا جنهن ۾ صوبه بلوچستان ، صوبه سنڌ جا ڪئي نوجوان هوندا جن اهڙي زبان استعمال پڻ ڪئي آهي ، مان اهم موضوع ان ڪري به سليڪٽ ڪيو آهي جو پاڪستان ۾ جنهن طرح سان حالات خراب ٿي رهيا آهن ڪجهه وڏو نقصان ٿيڻ جو خدشو ڏسان پيو جيڪڏهن ڪنهن کي انصاف نه ملي جيڪڏهن ڪنهن کي صحت جي سهولت ميسر نه هجي يا جيڪڏهن مان عرض ڪيان ته هر ماڻهون ڏائڻ جي شڪل اختيار ڪري بنا ڪنهن خوف جي ڪرپشن ڪري اهو ان اداري کي هٿ سان تباهه ڪري ته پوء ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ، مان سمجهان ٿو ته مان صرف ٻن يا ٽن سياسي پارٽين جي حڪومتي ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪندس جيڪي مان ويجهون کان ڏٺيون آهن ، جيڪڏهن مان پاڪستان پيلزپارٽي جي حڪومتن جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪيان ته صرف ٻه مرتبه ته مرحومه شهيد ب ينظير ڀٽو زرداري کي ڪرپشن جي الزام هيٺ گهر موڪليو ويو نواز شريف سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو ان مٿان به سنگين الزام لڳندا رهيا سچ ڇا آهي اهو خدا پاڪ ئي ڄاڻي ٿو باقي پاڪستان ۾ جيڪڏهن جي آئي ٽي جوڙي ويندي به آهي ته اهي خاص رپورٽس عوام جي اڳين پيش ناهين ڪيون وينديون ، عوام کي اونداهي ۾ رکيو ويندو آهي ، برحال انتهائي ڏکوئيندڙ صورت حال مان گذري رهيا آهيون ، ملڪ نه صرف معيشت نه هئڻ ڪري تباهه ٿيو پر پاڪ دشمن قوتون پاڪستان مٿان لاماره ڏيئي رهيا آهن جيئن موقعو ملي ته پاڪستان مٿان حملو ڪري پاڪستان جي وڌندڙ ترقي جيڪا به ٿي رهي آهي تباهه ڪري سگهون ، جهڙي ريت عوام ۾ ادارن خلاف نفرت وڌي رهي آهي اها به اسان جي اڳيان آهن ، ڪيترائي ماڻهون خبر ناهي ته ڪيڏانهن غائب ٿي ويا آهن ڪنهن غريب کي انصاف نه پيو ملي اهڙي صورت حال ۾ مان عرض ڪيان ته عام ماڻهون به رياست پاڪستان جي ادارن سان نفرت ڪندو ، پاڪستان اندر تعليم جو وڏو فقدان پڻ ڏسي رهيو آهي ، پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس به هڪ خطرناڪ وبا جي ڪري تعليمي ادارن کي بار بار بند ڪيو ويو جيئن معصوم ٻارڙن کي ڪرونا وائرس پنهنجي لپيٽ ۾ نه وٺي سگهي پر سنڌ سان ته ڊرامائي صورت حال آهي بازارون مڪمل کليل عام اسپاٽ کليل ، پبلڪ پارڪ کليل ، شاپنگ مال کليل ، شادي حال کليل ، محرم الحرام جي دوران عزادارون به مڪمل ٿيون ، 12 ربيع الاول تي به لکين ماڻهون گهرن مان نڪتا لبيڪ لبيڪ يا رسول الله صلم جا نعره ٻڌندا رهيا سين هڻندا رهياسين ، پر سمجهه ۾ اهو نه ٿو اچي ته اسڪولن تي ئي حڪومت وقت جي نظر ڇو جڏهن ته پهريان ئي 7 مهينا مڪمل اسڪولز ڪاليجز ، تعليمي اداره بند رهيا وري اهڙي ڪوشش ٿي رهي آهي پر اهو به ٽيليوزن تي ڏسي رهيو آهيان ته ڪرونا وائرس جا ڪيس ڪافي اڳيان اچي رهيا آهن ، اهڙي صورت حال مان اسان ڇا سمجهون هي ڪهڙي سازش آهي هڪ سال مڪمل تباهه ٿي ويو ، نصاب تعليمي ڪورس به اسان جي اڳيان آهي اهم اهم چيپٽر پڙهائي رهيا آهن 7 ميهنا سڪولز بند هئڻ جي ڪري به اسڪول ساڳئي فيس وصول ڪري رهيا آهن جنهن جو به ڪوئي نوٽيس نه پيو وٺي اهڙي صورت حال ۾ جيڪي ٻارڙا اسڪول ويا ئي ناهين اهي فيس ڇو جمع ڪرائن پر حڪومت وقت کي ڪير سمجهائي خاص نجي ادارن جي مالڪان کي ڪير سمجهائي ، صورت حال انتهائي ڳنڀير نظر پئي اچي ، برحال اسان پنهنجي قسمت کي ئي چيئي سگهون ٿا ،










