بهترين دوست جو نالو ٻڌو ته ٻيا ناراض ٿيندا، بابر اعظم

بهترين دوست جو نالو ٻڌو ته ٻيا ناراض ٿيندا، بابر اعظم

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته مون کي ڪنهن سپر پاور جي ضرورت ناهي، مون وٽ جيڪو آهي ان تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو.هڪ انٽرويو ۾ بابر اعظم چيو ته جيڪڏهن هن پنهنجي بهترين دوست جو نالو ورتو ته ٻيا ناراض ٿي ويندا.قومي ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته محمد رضوان، شاداب خان ۽ امام الحق منهنجا ويجها دوست آهن.بابر اعظم اهو به چيو ته هو فون گهڻو استعمال نٿو ڪري، موبائل تي انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر وڌيڪ استعمال ڪندو آهيان جڏهن ته شوق سان گيت ٻڌندو آهيان.هن چيو ته پاستا، اسٽيڪ ۽ سشي سندس پسنديده کاڌو آهن، جڏهن ته منهنجي خيال ۾ نيوزيلينڊ دنيا جو خوبصورت ترين ملڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو