لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ رانديگرن جي فٽنيس ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب ٽيسٽ اسڪواڊ جي رانديگرن کي 9 آگسٽ تي طلب ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ 10 آگسٽ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن کي به فٽنيس ٽيسٽ لاءِ گهرايو ويندو، سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اڃا اعلان ناهي ڪيو ويو، سينٽرل ڪانٽريڪٽ فٽنيس سان مشروط هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ موجود ڪجهه رانديگرن جا فٽنيس ٽيسٽ ورتا ويندا، ڪرڪيٽرن جا 5 کان 6 مختلف ٽيسٽ ڪيا ويندا، فٽنيس کي عالمي معيار موجب قرار ڏنو ويندو.بنگلاديش اي خلاف پهرين 4 ڏينهن واري ميچ ۾ ٽيسٽ اسڪواڊ جي ڪجهه رانديگرن کي فيڊ ڪيو ويندو، فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ مير حمزا کي به فيڊ ڪيو ويندو.










