بليڪ ميل نه ڪيو تدفين ڪيو اڄ ئي ڪوئٽه ايندس،وزيراعظم

بليڪ ميل نه ڪيو تدفين ڪيو اڄ ئي ڪوئٽه ايندس،وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هزاره برادري  تدفين ڪري اڄ ئي ڪوئٽه ويندس پر وزيراعظم جي اچڻ تي تدفين کي مشروط بڻائڻ مناسب ناهي.اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هزاره ڪميونٽي تي اسان جي ملڪ ۾ شايد سڀني کان وڌيڪ ظلم ٿئي پيو ۽ مان سڀ کان وڌيڪ ڄاڻان ٿو ته انهن تي ڪيترو ظلم ڪيو ويو آهي .عمران خان چيو ته مچ واقعي کانپوءِ هن گهرو وزير کي ڪوئيٽا موڪليو ، پوءِ ٻه وفاقي وزير موڪليا ، هزاره برادري کي ٻڌايو ته هي حڪومت انهن سان گڏ آهي.وزيراعظم چيو ته اسان احتجاج ڪندڙن جي سمورن مطالبن کي تسليم ڪيو آهي پر انهن جو هڪ مطالبو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم اچي ٿو ته اهي شهيدن کي دفن ڪندا. هن چيو آهي ته ملڪ جي وزير اعظم کي ايئن  بليڪ ميل نٿو ڪري سگهجي پوءي هر ڪو ايئن بليڪميل ڪندو  خاص طور تي چورن جو اهو ٽولو جيڪو اڍائي سالن کان اين آر او لاءِ  بليڪميل ڪري رهيو آهي ۽ اهو گروهه  ڪرپشن ڪيسن کي معاف ڪرڻ لاءِ اڍائي سالن کان بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڌرڻي وارا اڄ تدفين ڪن ته هو اڄ ئي ڪوئٽه ويندو ليڪن بليڪميل نه ٿيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو