بلدياتي اليڪشن، اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ مانيٽرنگ سيل قائم

بلدياتي اليڪشن، اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ مانيٽرنگ سيل قائم

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي، امن امان برقرار رکڻ لاءِ سکر ڊويزن ۾ پاڪ فوج جون 11 ڪمپنيون اسٽينڊ بائي تي هونديون. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ قائم ڪيل مانيٽرنگ سيل ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجن جي اعلان تائين قائم رهندو. ٻئي طرف ڊي آءِ جي طارق قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سکر ڊويزن جي پولنگ اسٽيشنن تي 10 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.ڊي آءِ جي طارق قريشي چيو ته سکر ڊويزن ۾ 1500 کان وڌيڪ رينجرز اهلڪار به مقرر ڪيا ويندا. ان کان علاوه پولنگ واري ڏينهن سکر ڊويزن ۾ پاڪ فوج جون 11 ڪمپنيون اسٽينڊ بائي تي هونديون. ڪراچي ۾ مانيٽرنگ سيل سان رابطو ڪرڻ لاءِ هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
021-99203369
021-99203373-77

پهنجو تبصرو موڪليو