بلاول ڀٽو جي ناصر شاهه سان والدهه جي وفات تي تعزيت

بلاول ڀٽو جي ناصر شاهه سان والدهه جي وفات تي تعزيت

سکر(جئيرام داس ) سکرپاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري روھڙي پھچي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ سان سندس امڙ جي دعا گھري ۽ ساڻس ڏک  جو اظھار ڪيو. بلاول ڀٽو جو چوڻ ھو تھ ناصر شاھ جي امڙ جي وفات تي دلي  صدمو ۽ ڏک پھتو آھي، اللھ سائين محروم کي جن ۾ جاءِ عطا ڪري. ڏک جي ھن گھڙي ۾ سيد ناصر حسين شاھ سان برابري جو شريڪ آھيان، ڇو جو ماءٌ جو ڪو به متبادل نٿو ٿي سگهي. جنھن جو وڇڙڻ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو نقصان آھي، بلاول ڀٽو سان گڏ سردار محمد بخش خان مھر، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاھ، سينيٽر اسلام الدين شيخ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ميرپور خاص کان ھيلي ڪاپٽر ذريعي سکر ايئرپورٽ پھتو، ان دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا هئا، جڏھن تھ بلاول ڀٽو جي آمد وقت روھڙي ۾ ميڊيا کي ڪوريج کان بھ روڪيو ويو ۽ بلاول بنا ميڊيا سان ڳالھائڻ جي واپس روانو ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو