ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف بلاول ڀٽو کي پاڪستان جو پرڏيهي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.روسي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي مفاد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. روسي پرڏيهي وزير علائقائي ۽ عالمي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ وڌيڪ ڳالهين تي زور ڏنو.روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌي رهيو آهي، پاڪستاني پرڏيهي وزير جو ماسڪو جو دورو اسان لاءِ خوشي جو باعث هوندو.










