سکر (رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو عمران خان کان مطالبو ڪيو ته ٻاهرين سازش جا ثبوت پيش ڪيا وڃن. ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي بلاول ڀٽو سکر، شڪارپور ۽ ڳڙهي خدابخش سميت ٻين هنڌن تي جلسن کي خطاب ڪيو،پ پ چيئرمين چيو ته ٻاهرين سازش هئي ته پوءِ عمران خان پنهنجي حڪومت ختم ڇو ڪئي؟ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان بي اعتمادي جي رٿ وڙهڻ کان ڀڄي ويو ۽ ڀڄي ويو ۽ آئين ٽوڙيو،هن وڌيڪ چيو ته عدليه کي آئين تحت فيصلو ڪرڻو آهي، پارليامينٽ تي لڳل داغ کي ڌوئڻو پوندو.










