بل جمع نه ٿيا،صدر پاڪستان جي سرڪاري رهائش جي بجلي بند

بل جمع نه ٿيا،صدر پاڪستان جي سرڪاري رهائش جي بجلي بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بل جي ادائگي نه ٿيڻ تي ڪراچي ۾ صدر جي سرڪاري رهائشگاهه تي بجلي بند ڪئي وئي بل جي ادائيگي نه ٿيڻ سبب ڪراچي ۾ صدر مملڪت جي سرڪاري رهائشگاهه اسٽيٽ گيسٽ هائوس جي بجلي بند ڪئي وئي. اسٽيٽ گيسٽ هائوس جي 26 لک رپين جو بل ادا نه ڪرڻ تي بجلي بند کي 18 ڏينهن گذري ويا آهن.اسٽيٽ گيسٽ هائوس جي انچارج جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ گيسٽ هائوس جو انتظام پرڏيهي آفيس وٽ آهي، بل ورڪس ڊپارٽمينٽ ڏنا آهن، هو ڪيترائي ڀيرا ڊي جي پرڏيهي آفيس ۽ ڊي جي پي ڊبليو ڊي کي بجلي جي کوٽ بابت ٻڌايو آهي.انچارج موجب اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ پرڏيهي وفد به ايندا ۽ رهندا آهن، اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ پرڏيهي آفيس، پريزيڊنٽ ۽ پي ڊبليو ڊي جون آفيسون به موجود آهن، ملازم به اسٽيٽ گيسٽ هائوس جي 21 سرونٽ ڪوارٽرن ۾ اچي رهيا آهن. اسٽيٽ گيسٽ هائوس جي انچارج جو چوڻ آهي ته 18 ڏينهن کان بجلي نه هجڻ سبب اسٽيٽ گيسٽ هائوس جا معاملا سخت متاثر ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو