اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيلاب جي تباھڪاريَن سان نڀائڻ لاءِ ايمرجنسي رليف ۽ هنگامي امداد لاءِ 3 ملين پائونڊ پاڪستان کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن.ترجمان دفتر خارجه موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان جين ميرٽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا، اعليٰ سطحي دورن جي اهميت، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال ونڊيا ويا.ترجمان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ سيلاب ۽ برساتن جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.برطانيه طرفان ايمرجنسي رليف ۽ هنگامي امداد لاءِ 3 ملين پائونڊ مهيا ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ امداد به ڏني ويندي.ترجمان موجب برطانيه جي امداد حڪومت ۽ (NDMA) جي سهڪار سان ورهائي پئي وڃي، جڏهن ته اسحاق ڊار برطانيه جي بروقت امداد ۽ يڪجهتي تي شڪريو ادا ڪيو.واضح رهي ته ان کان اڳ ڪينيڊا به پاڪستان جي سيلاب متاثرن لاءِ 26 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو هو.










