طفيل مگسي
برصغير ۾ انگريز سامراج جي خلاف هٿياربند مزاحمت ڪندڙ عظيم.لازوال ۽ سروفروشيء وارو ڪردار ادا ڪرڻ جي مالڪ ڀڳت سنگه کي سندس عظيم جدوجهد جي پاداش ۾ انگريز سامراج گرفتار ڪيو ۽ گرفتاري کانپوء هن کي جڏھن ستت ئي ڦاسي تي چاڙھيو ويو ته ٺيڪ ٽن ڏينهن جي اندر گانڌي جون 25 مارچ 1931ع ۾ ڪانگريس پارٽي جي اجلاس جي لاء ڪراچي پهتو ته ان وقت نوجوانن ڪارن جهنڊن ۽ گانڌي مرده باد جي احتجاجي نعرن سان سندس استقبال ڪيو.عوامي احتجاج ۽ ڪاوڙ جو سبب اهو هيو ته گانڌي ۽ انگريز سرڪار جي ڀڳت سنگه کي ڦاسي ڏيڻ تي مڪمل طور تي هڪجهڙائپ پئي رکي هئي.
۽ ٻيئي پاسي سامراجي برطانوي حڪومت ڀڳت سنگه جي حوالي کان نهايت خوفزده هئي ته گانڌي به هڪ انقلابي متبادل جي طور تي ڀڳت سنگه جي صورت ۾ اڀرندڙ نوجوان قيادت جي وڌندڙ مقبوليت خاص طور تي پنجاب ۽ اتر هندستان ۾ گانڌي کان به وڌيڪ عوامي پسنديدگيء جو مظاهرو ڪيو ۽
گانڌي کي به انهيء خوف ورايو هو ته زنده ڀڳت سنگه گانڌي کان آزاديء جو جنهڊو کسي ڇڏيندو ته هن تشدد کي غلط قرار ڏئي ڪري ڀڳت سنگه جي ڦاسيء تي خاموشي اختيار ڪئي ۽ برطانوي سامراج جي تشدد واري سوچ کي جلابخشي.جناح به لاتعلق ٿي ڪري انهيء سال ملسم ليگ جي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃڻڻ کانپوء خاموشي جي عالم ۾ هندستان ڇڏي ڪري لنڊن ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي.
ڀارت جي نالي واري تاريخدان ۽ سماجيات جي ماهر عرفان حبيب جو چوڻ آھي ته ڀڳت سنگه نوجوانن ۾ سياسي شعور ۽ عقل.علم و فلسفي سان ڳوڙھي ڄاڻ جي ڪري هڪ پڪل ۽ مضبوط نظرياتي دانشور جي طور تي چنڊ جيان اڀري چڪو هو.هن جو 1926ع ۾ 19سال جي عمر ۾ ڪارل مارڪس جي عظيم تخليق“داس ڪيپيٽل جو مطالعو ۽ مان ملحد ڇو آھيان؟“جهڙين مضبوط نظرياتي لکڻين ان جي بيان ڪيل آزاديء جي سوشلسٽ رستي هن کي عوام ۾ نهايت مقبول بڻائي ڇڏيو هو.هو ۽ سندس ساٿي نظرياتي طور تي“ سائنٽيفڪ سوشلزم “کي هندستان جي حقيقي آزادي جي لاء ڇوٽڪاري جو رستو قرار ڏئي چڪا هئا.اطالوي مارڪسي دانشور دانتي ۽ گرامچي جيڪي انهيء عرصي يعني 1926ع کان 1937ع ۾َ پنهنجي وفات تائين جيل ۾ ھئا.ڀڳت سنگه انهن ٻنهي دانشور جي تسلسل جو حقيقي روپ اختيار ڪري چڪو هو.
.نهرو جي مطابق ڀڳٿ سنگه لالا لجپت راء جي برطانوي حڪومت جي هٿان قتل جو پلاند وٺڻ جي بنياد تي هندستان جي آزاديء جو هيرو ۽ ھندستاني فوج جو فخر بڻجي ويو هو.جواهر لال نهرو پنهنجي سوانح عمري ۾ اعتراف ڪيو آھي ته ڀڳت سنگه هندستان جي آزاديء جو سڀ کان طاقتور آواز بڻجي چڪو هو.نهرو لکي ٿو ته هو چٽي مقصد وارو نينگر هو.جنهن کليل ميدان ۾ پنهنجي دشمن جو مقابلو ڪيو.هو هڪ چڻنگ جيان هو.جيڪا ٿوري ئي عرصي ۾ شعلو بڻجي ڪري ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پکڙجي وئي.۽ سالن جي پکڙيل اونداهي کي تار تار ڪري ڇڏيائين.
عرفان حبيب جي تاريخي تجزيي جي مطابق 1990ع کان وٺي ڪري 1930ع کان اڳ جا سنجيده سياسي و نظرياتي لاڙا هندستان جي جدوجهد آزادي جي آسمان تي نمائندگي جا دعويدار هئا.هڪ گانڌي ازم ۽ ٻيو ڀڳت سنگه ازم.جنهن کي عدم تشدد جي ڀيٽ ۾ تشدد جي نظرياتي نقطي تائين محدود ڪرڻ سطحي سوچ جي توهين ٿيندي.ڇوته گانڌي جي اوليتن جو مرڪز برطانوي بيٺڪيتي نظام جي متبادل جي طور تي بنيادي نموني جي سماجي واقتصادي تبديلين کان وڌيڪ سياسي اقتدارجي منتقلي هو.ڪيتريون ئي شاهديون موجود آھن ته گانڌي جي برطانوي بادشاهت جي ڪشادي ڍانچي جي ماتحت هندستان جي“ڊومنين“حيثيت کي به قبول ڪرڻ جي لاء تيار هو.جنهن جي ڪانگريس جي صفن ۾ نيتا جي سوباش ڇندر بوس کلي ڪري جڏھن ته نهرو خاموش مخالفت ڪئي.برطانوي سامراج جي خلاف گانڌي جي مصالحت پسند طرز سياست جو هڪ وڏو سبب هندستان جي سرمائيدار طبقي جي نمائندن برلا.پرشوتم داس.والچند بيرا وغيره جو گانڌي ۽ ڪانگريس جي نقط نظر تي اثر ورسوخ هو.گانڌي بين الاقوامي سرمايي جي مٽاسٽا .سامراجيت ۽ انهن جو هندستان تي اثرن جي ڳوڙهائي کي سمجهڻ کان لاچار هئا.اها انهن جي بيو قوفي هئي ته سامراجيت ۽ سرمائيداري کي تبليغ ۽دل جي تبديلي سان ختم ڪري سگهجي ٿو.بدقسمتي اها ته اهو گانڌي ئي هو.جنهن سڀ کان اڳ سياست ۾ مذھب جي ملاوٽ ڪئي ۽ هندو اڪثريت کي پنهنجو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ جي لاء (رام راجيا) جو سياسي تصور تخليق ڪيو.جنهن جا اچڻ وارن ڏينهن ۾ نهايت ڀيناڪ نتيجا نڪتا.
گانڌي ازم جي ڀيٽ ۾ ڀڳت سنگه ۽ ان جا ساٿي عالمي سرمائيداراڻي معشيت جي نظام واري منطق تي ڳوڙھو شعور رکندا هئا.انهن جي ريڊيڪل انقلابي سياسي سوچ برطانوي سامراج جي طبقاتي ڍانچي کي سمجهڻ جي تجزياتي طاقت جو سنڌوسنئون نتيجو هئي.ڀڳت سنگه ۽ سندس ساٿين جي لاء آزاديء جو مطلب و مقصد ناڻي جي حڪمراني کي محنت جي حڪمراني سان بدلائڻ جو وزن هونه ته گانڌي جي مطابق بيٺڪيتي(گوري)سرمائيدار طبقي جي حڪمراني جي متبادل جي طور مقامي هندستاني سرمائيدار طبقي جي حڪمراني .ڀڳت سنگه ۽ ان جا ساٿي اڃان تائين سموري حمايت جي باوجود گانڌي جي ڪانگريس پارٽي جي تنظيم جي مقابلي ۾ تنظيمي ڍانچي ٺاهڻ ۾ ڪمزور هئا.انهن جي عوامي مقبوليت اڃان تائين تنظيمي ڍانچي ۾ منتقل نٿي سگهي هئي.پنهنجي بي پناه مقبوليت جي لحاظ کان اهو نه صرف اڪثريتي هندو آبادي ۾ بلڪ مسلمانن ۽ سکن ۾ به هڪجهڙو مقبول هو.
مشھور دانشور پريتم سنگه جي بقول “جيڪڏھن ڀڳت سنگه کي 1931ع ۾ ڦاسي نه ڏني وڃي ها ته گانڌي جي قيادت واري ڪانگريس جا نظريا ۽ ڀڳت سنگه جي قيادت هيٺ سوشلسٽ نظرين جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿيئي ها.ڀڳت سنگه کي عوامي سطح تي انهيء وقت جي هندستاني ڪميونسٽن تي به برتري حاصل هئي ته انهن جي انقلابي سياست جنهن جون پاڙون هندستان ۾ کتل سمجهيون ويون ٿي.ڀڳت سنگه هندستاني سوشلسٽ روايت جي طورتي گانڌي جي قيادت ۾ ڪانگريس جي سرمائيداراڻي سوچ جي لائق سياست جي برخلاف هندستاني عوام کي پنهنجي چوڌاري گڏ ڪرڻ واري قوت بنجڻ جا وڏا امڪان چٽا ٿي پيا هئا.
اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته هندستان ۾َ سياسي ورهاست ڪانگريس مقابلو مسلم ليگ.هندو مقابلو مسلم ۽ گانڌي مقابلو جناح نه هجي ها ته پوء يقينن گانڌي مقابلو ڀڳت سنگه ضرور هجي ها. .سرمائيدار مقابلو سوشلزم.۽ محض اقتدار جي منتقلي مقابلو سماجي و اقتصادي انقلاب هجي ها.شديد سياسي جدوجهد وارين حالتن ۾ مقابلو ڪندي سياسي گروهن ۽ نظرين جي وچ ۾ طاقت جو توازن ٿيڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ناهي لڳندو.اهڙي انقلابي و بحراني ڪيفيت ۾ تنظيمي ڪمزوري اٽل ٿي ويندي آھي.1917ع جي روسي انقلابي ٻوڏ جي دوران مخالف سياسي گروهن يعني مينشيوڪن کان بالشيوڪن جي حق ۾ ڏينهن ۽ ھفتن جي وقفي جي اندر تبديلي ان ريت جي تاريخي موڙ تي هڪ مثال آھي.هتي اها ڳاله به ذڪر جي قابل آھي ته 1917ع کان 1930ع جي ڏھاڪي کان هندستان وڌ يا گهٽ انقلابي يا قدامت پسند نه هو.1930ع جي ڏھاڪي ۾ پيدا ٿيڻ وارن امڪانن منجهان هڪ اهو به امڪان موجود هو ته ڪانگريس جا ڪارڪن يا ڪيڊر وڏي پيماني تي ڀڳت سنگه جا پوئلڳ ۽ چاهيندڙ هئا.جنهنکي گانڌي ھضم نٿي ڪري سگهيو هو.
اڄ ھندستان تي گانڌي جي قاتلن ۽ رام راڄ وارن مذھبي انتهاپسندن جي حڪمراني آھي.جنهن جي پٺيء تي هندستاني سرمايو ويٺو آھي.جڏھن ته جناح صاحب جي مسلم قوميت جي تصور تي مشتمل رياست جون بنگلاديش جي صورت ۾ ڌڄيون اڏايون ويون ۽ باقي بچيل پاڪستاني رياست پنهنجي سڃاڻپ جي بحران جو شڪار نه بلڪ رياستي پاليسين هن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي ٽڪرائن جي نه ختم ٿيڻ واري سياسي.سماجي ۽ معاشي ڪن ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي.
اهو منظرنامو اڄ ھڪ ڀيرو وري ڀڳت سنگه ۽ ان جي ساٿين جي انقلابي نظرين ۽ مقصدن ڏانهن ڌياڻ ڏيارڻ جو ڏس ڏيئي ٿو.؛؛؛










