شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو)شھر مان برسات جي پاڻي جي نيڪال جي مستقل حل لاءِ پبلڪ ھيلٿ کاتي سروي مڪمل ڪري ورتي آھي، ان متعلق ايس ڊي او پبلڪ ھيلٿ شڪارپور آغا محمد نعيم صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ کي بريفنگ ڏيندي چيو ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ شھر ۾ شاھي باغ ، بيد روڊ، پٺاڻ ڪالوني ۽ نيو اناج منڊي ۾ 4 پمپنگ اسٽيشنون جڏھن ته لاڙڪاڻو باءِ پاس ۽ ڊي سي آفيس پويان ٻه وڏا تلاءَ تعمير ڪيا ويندا جن جي تعمير سان ڪاليج روڊ، اسٽيشن روڊ، ٽرڪ اڏو روڊ، ريلوي ڪالوني، سنجراڻي محلا، الف شھيد ڪالوني، دين پور، ڪڙي عطا محمد ۽ ٻين علائقن ۾ بيھندڙ برساتي پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته اسان جي اولين ڪوشش آھي ته شڪارپور جي عوام جا تمام بنيادي مسئلا حل ڪجن، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي ته شھري آبادين ۾ سڀ بنيادي سهولتون مھيا ھجن ۽ شھرين کي آمد رفت ۾ دشواري نه ھجي، ان لاء وڌيڪ سٺا پراجيڪٽ کڻي اينداسين، جيئن عوام کي وڌيڪ سھولتون مھيا ڪري سگھون.










