بدين:(ن س) بدين لڳ ڳوٺ پير حامد شاھ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو 9 ڄڻا زخمي هڪ ڄڻو حنيف چانڊيو قتل ٿي ويو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو گوليون، لٺيون ڪھاڙيون لڳڻ ڪري محرم ولد گل محمد چانڊيو,مرتضي ولد مبارڪ چانڊيو, فراز ولد محمد عالم چانڊيو,اعجاز ولد عالم چانڊيو, عبدالرزاق ولد عالم چانڊيو, بادل ولد محب چانڊيو جڏھن ته ٻئي ڌر جا پيارو ولد لونگ چانڊيو، صاحب ولد ساجن چانڊيو، حنيف عالم چانڊيو شديد زخمي ٿي پيا جن کي رورل ھيلٿ سينٽر پنگريو آندو ويو جتان حالت ڳڻتي جوڳي حالت ھئڻ ڪري سمورن زخمين کي حيدرآباد ۽ بدين اسپتال ريفر ڪيو ويو پنگريو پوليس سر زمين تي پھچي وڌيڪ رتو ڇاڻ ٿيڻ کان بچائي ورتو جڏھن ته پوليس موجب جھيڙو ٻارڙن جي جھيڙي تان ٿيو فوتي نوجوان حنيف چانڊيو جو مڙھ ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مڙھ گهر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو پنگريو پوليس ٻنھي ڌرين جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آھي.










