بحريه ڀڃ ڊاهه ڪيس پي پي کي مهانگو پوندو؟

ليکڪ  قاضي عبدالوحيد                                               

سنڌ جي ڳوٺن مٿان هلان ڪندڙ ملڪ رياض ۽ بحريه ٽائون خلاف آخرڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور فيصلو ڏيندي حڪم ڪيو آهي ته 2016ع ۾ امير علي گبول نالي شخص اها دانهن ڪئي هئي ته اسان جي ڳوٺن مٿان هڪ بلڊر ملڪ رياض نالي جيڪا حڪومتي ساٿ سان ڏاڍمڙسي ڪندي زور زبردستي ڪئي آهي انهيءَ کي روڪيو وڃي، جنهن تي لک شاباس آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج صاحب کي جنهن حق سچ جي فتوا ڏيئي هڪ ناسور مان لکين ڌرتي واسين کي تحفظ ڏنو آهي، 6 جون جو ڏهاڙو ڄڻ ته سنڌ ، مهراڻ ، ايل ايم سي ۽ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي شاگردن جي بسن ۾ سوار لاڙڪاڻي ڏانهن ايندڙ پرامن پڙهيل لکيل نوجوانن ملڪ جي معمارن لاءِ آمريت ڊڪٽيٽرشپ جي ياد تازي ڪندي ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو ٿي گذريو هجي، ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي ۾ ته غير جمهوري قوتن آمريت جا هٿ ملوث رهيا پر هن بحريه ٽائون واقعي ۾ ته انهن جمهوريت پسند دعويدار سنڌ حڪومت جا هٿ ملوث آهن جن ڪڏهن ڊاڪٽر عاصم حسين، ماڊل گرل ايان علي، مجيد وغيره جهڙن ماڻهن کي نيب پاران گرفتار ڪرڻ تي وڏي هاءِ گهوڙا ڪندي سنڌ جي اقتدار ڌڻين اها ڳالهه ڪئي ته انهن جي گرفتاري سنڌ تي حملو آهي، انهن کان ڪير پڇي ته انهن ڪڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي شهيد راڻيءَ جي قاتلن جي لاءِ به ايترو آواز اٿاريو آهي؟، سموري سنڌ جي ولار هر پاسي رڳو بلڊرز ڪمپنين جا ڀولا جيڪا آدم بوءِ،  آدم بوءِ ڪندي ڪراچيءَ کان ڄامشوري ۽ ٻين شهرن علائقن مٿان ولار ڪندا ٿڪجن نٿا انهن کي آخرڪار ڪير روڪيندو جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جيڪو ملڪ جو هڪ مڃيل وڏو فيصلا ڪن اختيار رکندڙ ادارو آهي انهن جو به حڪم ۽ هدايت نامو آهي ته  ملڪ رياض جي بحريه ٽائون سبب سنڌ جي ولار ناجائز ۽ غير قانوني آهي اها روڪي وڃي ته پوءِ سنڌ حڪومت آصف زرداريءَ پنهنجي پاٽنر شپ ملهائيندي جيڪا 6 جون تي ڀيانڪ قسم جي تاريخ ورجائي وئي آهي اها انتهائي قابل مذمت ۽ ڏکائيندڙ رهي آهي، پرامن احتجاج ڪرڻ ته هر خطي هر ملڪ ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ  ۾ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، جڏهن ڪنهن سان ناجائزي ٿئي، انصاف نه ملي، حق غضب ڪيا وڃن، بجلي، گيس، پاڻي سميت ٻيون بنيادي شيون نه ملن ته پوءِ عوام سراپا احتجاج بڻجي ويندو روڊن رستن تي نڪري نروار ٿيندو، اهي احتجاج پيپلز پارٽي خود به ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي به ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻي نه ملڻ ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وفاقي حڪومت خلاف احتجاج ڪيا ته پوءِ ڇا وفاقي پي ٽي آءِ جي حڪومت انهن پيپلز پارٽي جي وزيرن مشيرن صلاحڪارن خلاف ڪوڙا من گهڙت ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪري ڇڏي، نه ته پوءِ بحريه ٽائون جي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نڪرندڙ پرامن ريلي جنهن ۾ سموري سنڌ مان لکين ماڻهو نوجوان پڪا پوڙها، عورتون مرد، ٻارڙا فيميلز سان گڏ جڏهن ڪراچيءَ پهچن ٿا ته  سازشي ماڻهن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن پرامن پڙهيل لکيل نوجوانن ۾  جيڪي 14 ، 15، 17 ۽ 18 سالن جا اڪثر نوجوان آهن انهن کي پرامن احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نالا ڄاڻائي ڄامشوري روڊ تي بسن مان گڏاپ ٿاڻي جا پوليس گردي ڪندي پنهنجو روايتي ۽ رياستي ڏاڍ برقرار رکندي جيڪا ڪوڙي ، بوگس، من گهڙت، غير قانوني ۽ بي بنياد الزامن جي برسات ڪري هڪ ئي ٽائيم تي بحريه ٽائون جي گيٽ سڙڻ جي ڏوهه ۾ سوين نوجوانن جي زندگين سان کيڏندي الزامن جي بوڇاڙ شروع ڪري ڏني آهي ۽ شايد پاڪستان جي پوري هسٽري تاريخ ۾ ائين ڪنهن ڊڪٽيٽرشپ دوران به ڪاروائي نه ٿي هوندي جهڙي طرح هن پيپلز پارٽي جي حادثاتي واڳ ڌڻي آصف زرداري ۽ انهيءَ جي حوارين ڪئي آهي، ملڪ رياض جيڪڏهن آصف زرداريءَ کي لاهور ۾ پنهنجي طرفان ايڪڙن ۾ عاليشان ٺهيل محل نما “ بلاول هائوس ” تحفي ۾ ڏنو آهي ته انهيءَ جو قطعي اهو مطلب ناهي ته هو پوري سنڌ جو والي وارث ٿي ڪري سنڌ سڄي جي ڀينگ ڪندو وتي، 6 جون جي واقعي تي پوري دنيا جي اندر جيڪا پيپلز پارٽي جي خواري ۽ بدنامي انٽرنيشنل سطح تي ٿي آهي جو آمريڪا، يوڪي، عرب امارت سميت يورپين ملڪن ۾ سنڌي ته سنڌي پر ٻين قومن به ملڪ رياض جي بحريه ٽائون جي ڀيانڪ قسم جي شروع ٿيندڙ ريهرسل کي خوب ننديو ۽ مذمت ڪئي وئي ۽ ڪيترن ملڪن ۾ انهي خلاف احتجاج به ڪيا ويا آهن ايتري تائين جو پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ به زبردست قسم جا احتجاج ساڃاهه وند ڌرين سنڌي، بلوچ، پنجابي ۽ پختونن گڏجي نامنظور نامنظور ملڪ رياض ۽ بحريه ٽائون نامنظور جا نعرا هنيا ۽ انهن ثابت ڪيو ته  اهي واقعي بابا بلهي شاهه جي روايت جا پاسدار آهن ۽ انهن انهي موقعي تي پ پ پ جي سنڌ ۾ آمريت خلاف به آواز اٿاريو ۽ وڏي واڪي اعلان ڪندي چيو ته بحريه ٽائون نه پر سنڌ گهرجي، وڏي حيرت ۽ اچرج جي اها ڳالهه آهي ته 6 جون تي پهريان ته ريلي يا ڌرڻو لڳائڻ جي اجازت ڪنهن ڏني، جيڪڏهن اجازت ڏني وئي ته پوءِ اتي انتظامات ڪهڙا ڪيا ويا هيا، جيڪڏهن اتي بحريا ٽائون جي گيٽ کي باهه لڳي ٿي ته پوءِ انهي وقت ڪنٽينرز، خاردار تارون، پوليس انتظاميه ، بحريه ٽائون جي پنهنجي سيڪيورٽي ، سي سي ٽي وي ڪيميرائون ڪيڏانهن ويون آهن، پنجن مرحلن مان جيڪي اچي گيٽ کي باهه ٿا ڏين اهي ٻيا ڪي نه پر خود سرڪاري گلو بٽ ئي ماڊل ٽائون لاهور واقعي جهڙا ٿي سگهن ٿا، نه ته جتي پکي پر نه هڻي سگهي اتي باهه جا شعلا ٿوري وقت ۾ ائين ڀڙڪي اٿڻ هڪ اهم سواليه نشان آهي؟، ٻيو ته هزارين لکين ماڻهو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان ڇا اتي باهه ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيڻ لاءِ اچن ٿا؟، معصوم ٻارڙا فيمليز سان عورتون پيرسن مرد ۽ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو پرامن احتجاج لاءِ پهچڻ شرط ٻئي پاسي هيءُ بحريه ٽائون جي گيٽ کي باهه جو ڊرامو لازمي طرح هيءَ سوچيل سمجهيل سازش جو حصو آهي، پر هاڻي اهو ٻڌايو وڃي ته جيڪي بغير ڪنهن ڏوهه جي پرامن احتجاج ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي محبت ۾ نڪرندڙ نوجوان قيد و بند ڪيا ويا آهن انهن جي زندگين سان ڪنهن کي کيڏڻ جو ڪو اختيار ڪونهي، پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت سازشون ڪري ٿڪجي سگهي ٿي پر اهو ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به حوالي سان ملڪ سان غداري نٿا ڪري سگهن، سنڌ جا لکين پرامن احتجاج ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي باهه لڳڻ جو تماشو نٿا ڪري سگهن؟، سنڌ جا ماڻهو ائين ئي پنهنجي ملڪ پاڪستان سان عقيدت ۽ محبت ڪن ٿا جهڙي طرح ٻين صوبن جا ماڻهو ڪن ٿا، سنڌ جي ماڻهن ۾ انتهاپسندي، غداري، قتل غارتگيري، بوري بند لاش، ڊرل مشينن، ڪيميڪل باهه لڳائڻ ، فيڪٽرين، ملن، ڪارخانن ۾ جيئرن جاڳندن ماڻهن کي ساڙڻ  واري روايت ڪڏهن به نٿي اچي سگهي، سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق و محبت ڪندڙ آهي، جيڪڏهن ڪو سازشي عنصر سنڌ جي وجود سان هٿ چراند ڪندي سنڌ جي ولار غيرن جي هٿان نيلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته انهيءَ جا نسل تباهه و برباد ٿيندا، جهڙي طرح ارغونن، ترخانن جا نسل تباهه و برباد ٿي ويا، اڄ پيپلز پارٽي نام نهاد ملڪ رياض جي بحريه ٽائون جي گيٽ جي ڪري پوري سنڌ کي يرغمال ڪندي جيڪي گرفتارين جي ناپاڪ ڪوشش ڪري سنڌ جي آئندي مٿان آمريت لاڳو ڪري جيلن جا جيل ڀري ڇڏيا آهن ۽ پرامن احتجاجج ڪرن جي ڏوهه ۾ ڏهه هزار ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس ۽ اهي به هڪ ٻه نه پر 28 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن انهن مان انهن حڪومتي ڌر جي ڪوڙ فريب ۽ مڪاري جي پت وائکي ٿي وئي آهي، ڪو ٻڌائي ته ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي ڪراچي آمد وقت ڪار ساز پهچڻ وقت جيڪي ساڍا پنج سئو ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 20 گمنام ڪارڪن هيا انهن جي ڪارساز پهچڻ تي ڇا پ پ پ وارن اها باهه ڏياري هئي ؟ ڇا انهي واقعي جو ڪيس پ پ پ قيادت تي داخل ڪري سگهجي ٿو؟ اهڙي طرح سادو سمپل سوال آهي ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي وارن جي ريلي ڌرڻي وارا پنهنجو موقف ٻڌائن پئي آيا ته انهن مٿان ڪوڙن ڪيسن داخل ڪرڻ جي هڪ وڏي لسٽ ظاهر ڪري ڌرتي جي وارثن کي هيسائڻ خوفزدهه ڪرڻ ۽ پ پ حڪومت اصل ۾ پاڻ کي آقا ۽ ڌرتي واسين کي پنهنجو غلام سمجهندي اهو ڊرامو ڪري چڪي آهي پر جن جا ڪونڌر نوجوان بي گناهه جيلن اندر قيد رکيا ويا آهن انهن جي گهرن ۾ هن وقت ڪهڙي صورتحال هوندي، اهو ڪو تصور ڪري نٿو سگهي، وقت جا فرعون، نمرود، يزيد ڪٿي آهن جو سڀ نيست و نابود ٿي ويا ۽ ٿيڻا آهن، انهن جي نسلن جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، اهڙي طرح اقتدار جي نشي ۾ مست پيپلز پارٽي قيادت ڌرتيءَ جي وارثن سان ايترو برو وقت نه هلڻ جي ڪوشش ڪري متان پوءِ انهن کي به ڀڄڻ جي جاءِ نه ملي جيئن انهن کي ٻين صوبن رد ڪري پيپلز پارٽي جو حالو ڪيو آهي اهڙي طرح پ پ پ قيادت پنهنجي عقل مان ڪم وٺندي ملڪ رياض جي ونگار وهڻ بجاءِ اصل ڌرتي جي وارثن کي پرامن احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيڪي به ڪوڙا من گهڙت ۽ بي بنياد ڪيس ۽ الزام لڳايا ويا آهن اهي فوري طور تي ختم ڪري سوين هزارين ماڻهن جي گهرن ۾ ماتم برپا ٿيل انهي ڪري صورتحال کي نارمل زندگي ڏانهن واپس آندو وڃي نه ته پ پ پ جو ايندڙ وقت نه صرف ڀيانڪ ۽ ڀوائتو ٿيندو بلڪ سنڌ جي گهٽي گهٽي، محلي محلي ۾ وزيرن مشيرن لاٺڙين کي انهي سوال جو جواب ڏيڻو پوندو ته هڪ طرف ملڪ رياض ۽ ٻئي پوري سنڌ جي يرغمال ڪرڻ جو سوال اڀرندو رهندو، جيڪي نوجوان علم تعليم جي زيور سان قلم کڻڻ وارا آهن انهن نوجوانن کي ڪهڙي ڏوهه ۾ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ قيد ڪري باندي اسير بڻايو ويو آهي؟، 14 سالا تاريخ ۾ هيءُ واقعو ڏاڍو ڀيانڪ ۽ ڀوائتو ثابت پيپلز پارٽي لاءِ ٿي اڀرندو شايد انهن مفادپرست حڪمرانن اهو معلوم ناهي ته  قومن سان ٻه اکيائي ڪرڻ جو ڪيڏو وڏو ڪبيرهه گناهه هوندو آهي، موجودهه پ پ پ عوامي پارٽيءَ نه رهي آهي وڏيرن جي ٽولي طور مفادن جي  وهڪري ۾ زوال ڏانهن سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ مفاد پرست ملڪ رياض جيڪو بحريه ٽائون جي نالي ۾ پوري ڪراچيءَ شهر کي نه پر پوري سنڌ جي شهرن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ بحريه جو نالو ڏيئي اتي برمين، بنگالين، افغانين، سوڊانين سميت دنيا جي تڙيل سمورين قومن کي اتي آباد ڪري اصل ڌرتي واسين کي اقليت ۾ آڻڻ جي ناپاڪ ڪوشش ۾ رڌل آهي، هيءُ ڪو سادو سودو ڪم ناهي جنهن تي سمورا مفاد پرست عناصر سرگرم ٿي هاءِ گهوڙا ڪري منهن مٿو پٽي رهيا آهن، جس آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب کي جنهن وڏي بلا جي بند کي بند ڪرڻ لاءِ قانوني حڪم نامو جاري ڪري وڏي بهادري ، سچائي ۽ حق و صداقت جو علم بلند ڪيو آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ، جرنلسٽ ۽ سوشل ورڪر اڳواڻ سهيل ميمڻ لکيو آهي ته بحريه ٽائون وارو بلڊرز ملڪ رياض اهو شخص آهي جيڪو  جرنل، جج، جرنلسٽس، ڪامورن ۽ سياستدانن جا ريٽ لڳائيندو رهيو آهي، زرداري، مراد شاهه ۽ پيپلز پارٽي جي مدد سان سنڌ جي زمينن تي بلڊوز هلائي ، سنڌ جي بجيٽ مان مفت پاڻي، مفت جا روڊ رستا، مفت جي بجلي وٺندي، اهڙي ته بادشاهت قائم ڪئي جو جتي نه سنڌ پوليس ويندي آهي نه ڪو ٿاڻو لڳندو آهي، نه ڪنهن ميونسپلٽي جو قانون لاڳو آهي، ملڪ جي هر شهر ۾ مفت ۾ بلاول هائوس ٺاهي زرداريءَ جي ان ٺيڪ تي ته سنڌ پيپلن جي ملڪيت آهي، اڳتي وڌيو ته سهي پر سنڌ جا غريب پرامن قومي ڪارڪن سندس دماغ مان هوا ڪڍڻ لاءِ پهچي ويا ۽ هاڻي مانواري جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب بحريه ٽائون معاملي تي ملڪ رياض ۽ سندس سيڪيورٽي وارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي کيس ٻڌائي ڇڏيو ته ڀلو اٿئي ته زرداريءَ سان ان سنڌ دشمن پارٽنرشپ کي جيترو جلدي ٽوڙي پنهنجا ٽپڙ بچاءِ نه ته سنڌ تنهنجي دو نمبري ڌنڌي لاءِ واٽر لو ثابت ٿيندي. پيپلز پارٽي جي ڪجهه ساڃاهه وند وزيرن سهراب سرڪي، نادر خان مگسي، تيمور ٽالپر سميت ٻين کي گهرجي ته اهي پرامن احتجاج ڪندڙ نوجوانن ، پڪن پوڙهن ، مزدورن شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انهن جي آزادي لاءِ ڪوششون وٺن نه ته ايندڙ وقت پيپلز پارٽي لاءِ سنڌ جي هر ڳوٺ شهر ۾ نه صرف سوالن سان ڀرپور رهندو پر انهن جي تذليل جو سبب بڻجندو. ڇاڪاڻ ته جن جي نوجوانن ۽ بزرگن کي هڪ پرامن احتجاج جي عيوض جيل جي سلاخن ۾ قيد ڪري بند ڪيو ويو آهي انهن جي مٽن مائٽن، رشتيدار عزيزن جا تاثرات ، خيالات ۽ جذبات ڪهڙا ٿي سگهن ٿا انهيءَ جو اندازو ڪير نٿو ڪري سگهي، هڪ مهينو ٿيڻ تي آهي جو اسان جا ٻچڙا جيلن ۾ بند ڪري قيد ڪيا ويا آهن انهن جي مٿان سڄي دنيا جا ڪيس لڳايا ويا آهن، شرم اچن گهرجي انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي سرڪار کي انهن پنهنجي چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن کي هٿ ڪرڻ لاءِ به ايڏيون ڪوششون ۽ قاتلن جي خلاف به ايترا ڪيس داخل نه ڪرايا هيا جيترا هڪ پرامن احتجاج ڪرڻ لاءِ سنڌ جي غيور ماڻهن مٿان ڪيسن مٿان ڪوڙا من گهڙت ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪري پنهنجي بدنيتي ۽ سنڌ سان ڌوڪيبازي ظاهر ڪئي آهي. دنيا جو هڪ اٽل اصول آهي ته عروج کي زوال ٿيندو آهي ۽ هاڻي 14 سالا حڪمرانن جو زوال شروع ٿي ويو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن بي گناهن کي زوريءَ زبردستي جيلن ۾ رکي نوجوانن جي ذهنن تي ڪوڙن ڏوهن جا ڇاپ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته سمجهو ته انهيءَ قوم جو نه پر انهن ڪوڙن ڪانئر قسم جي حڪمرانن جو زوال اچڻ وارو آهي، ڪاري دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جا واقعا ٿيا ۽ ضياءَ جي باقيات اڄ وري سنڌ جي هر شهر ڳوٺ کي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي روپ ۾ تبديل ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ضياءَ جا پوئلڳ ختم نه ٿيا آهن پر اهي حادثاتي مصنوعي ليڊر پنهنجي آقائون کي راضي ڪرڻ لاءِ ڌرتي جي وارثن کي جيلن ۾ بند ڪري ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ڪاري دور جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. جنهن ڪري پوري سنڌ ۾ انهي حادثاتي بڻيل سياسي رانديگر ۽ سندس جي خاندان خلاف شدت سان نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هن وقت به ڪيترن گهرن ۾ بي گناهه ڪاليج، يونيورسٽي جي نوجوان شاگردن ۽ مزدور والدين جي آزاديءَ لاءِ قرآن خوانيون، درود و سلام ۽ قرآن پاڪ کي پينگهن ۾ لوڏيو پيو وڃي ۽ آهه و زاريءَ جي ڪيفيت برپا بڻيل آهي. سنڌ هن وقت ٽامو بڻيل آهي دنيا جي تاريخ ۾ ايترا ڪوڙا ڪيس ڪنهن تي به نه لڳا ايتري قدر جو وڏن وڏن ڌوهارين کي به اهڙي حڪومت جي تنگ نظري تي ڏندين اڱريون اچي ويون آهن. پر لک جس آهي ڪراچيءَ جي وڪيل برادريءَ کي جنهن وڏي تعداد ۾ پهريون دفعو پنهنجي بچاءَ ۽ تحفظ لاءِ ڌرتي جي وجود جي بقاءَ لاءِ يڪجهتي ۽ ٻڌي جو لازاول مثال قائم ڪري هن ڪوڙي من گهڙت ڪيس کي رد ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات اسٽڊي ڪندي ڪوششون ورتيون آهن ۽ اميد آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس احمد علي شيخ ۽ ٻيا مانوارا جج صاحبان به جسٽس صلاح الدين پنهور وانگر سنڌ جي ماتر ڀوميءَ جو ڪيس پنهنجو ڪيس سمجهي ڌوڪي جي ديوار کي ڦهڪو ڏيئي ڪري ڪيرائيندا ۽ سڀني بي گناهه باندين بڻيل ماڻهن کي عيد کان اڳ ڪوڙن ڪيس نان نجات ڏياريندي آجو قرار ڏيئي آزاد ڪرائيندا. باقي جيڪڏهن گڏاپ پوليس ملڪ رياض مٿان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب به ايف آءِ آر نٿي داخل ڪري ته لازمي طرح عدليه جي توهين سبب گڏاپ پوليس توڙي بلڊرز ڪمپني ٻئي به جيل جي هوا کائي سگهن ٿا. هونئن به گورنر راڄ لڳي ٿو ۽ لڳڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪاري قانون غير جمهوري لوٽن مان ته نجات ملندي 14 سالن کان سنڌ کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي جهڙي طرح لٽ ڦر ڪئي وئي آهي انهي جو اندازو نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو