بجلي پيدا ڪرڻ جي مقامي ذريعن تي ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

بجلي پيدا ڪرڻ جي مقامي ذريعن تي ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ جي مقامي ذريعن تي ڪم ڪري رهي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته انهن ذريعن ۾ هائيڊرو پاور، ڪوئلي، سولر توانائي شامل آهن. هنن جو چوڻ آهي ته مقامي طور تي پيدا ٿيندڙ بجلي سان فيول امپورٽ گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، هي بجلي ٽيرف گهٽائڻ ۾ به مدد ڪندي. وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف چيو آهي ته مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ بجلي به عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ پاڪستان جي ستين ايٽمي پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو، ڪي 3 منصوبي مان 1100 ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي وئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو اهو به چوڻ آهي ته ڪي 3 جي ايٽمي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 3600 ميگا واٽ تائين پهچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو