بجلي جي بل مان ٽي وي جي فيس ختم

بجلي جي بل مان ٽي وي جي فيس ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 22 سال اڳ بجلي جي بل ۾ پي ٽي وي جي في پاليسي لاڳو ڪئي وئي هئي، جنهن جي شروعات ۾ اها في رڳو 25 رپيا هئا .بعد ۾ ان کي وڌائي 100 رپيا ڪيو ويو آهيحيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته مسجدن ۽ ٻين عبادتگاهن جي بلن ۾ به پي ٽي وي جي في ورتي وڃي ٿي.برٽش انڊيا ۾ 1933ع ۾ وائرليس ٽيليگراف ايڪٽ لاڳو ٿيو هو جنهن تحت سڀني وائرليس شين لاءِ لائسنس لازمي قرار ڏنو ويو.1964ع ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ٽي وي عام ٿي ته حڪومت انگريزن جي دور جي قانون تحت پاڪستان ۾ ٽي وي لاءِ لائسنس جو شرط رکي ڇڏيو.ان لائسنس لاءِ سالياني في ورتي ويندي هئي ۽ لائسنس نه وٺڻ وارن جا اينٽينا ۽ ٽي وي ضبط ڪيا ويندا هئا، پر 1998ع کان پوءِ نئين پاليسي ٺاهي وئي جنهن ۾ لائسنس جو نظام ختم ڪري بجليءَ جي بل ۾ پي ٽي وي في لاڳو ڪئي وئي.نئين قانون موجب وائرليس يعني اينٽينا ذريعي پي ٽي وي ڏسڻ وارا ئي ٽي وي في ادا ڪرڻ جا پابند آهن پر اڄڪلهه اينٽينا جو دور ختم ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو ڪيبل يا انٽرنيٽ ذريعي ٽي وي ڏسن ٿا ۽ ڪيبل جو بل به ادا ڪري رهيا آهن.پر ان جي باوجود 100 رپيا في ادا ڪرڻي پوي ٿي.عوام کان هر مهيني بجلي جي بل ۾ ٽي وي في جي نالي تي اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي.شهري به خاموشيءَ سان ٽي وي جي في هر مهيني بجلي جي بل ۾ ادا ڪن ٿا .پر جيڪڏهن توهان ڪيبل يا انٽرنيٽ ذريعي ٽي وي ڏسندا آهيو ته هاڻي توهان کي ٽي وي جي في بل ۾ ادا ڪرڻ جي ضرورت نه آهي،ٽيليگراف ايڪٽ جي سيڪشن 4 موجب ڪو به ماڻهو اليڪٽرڪ ڪمپني جي آفيس ۾ وڃي ٽي وي في کي ختم ڪرائي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو