غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور بجاراڻي تيغاڻي تڪرار هڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو بجاراڻي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان محمد عثمان تيغاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو .غوثپور انڊس هاءِ وي انڙپول ڀرسان مال جي پڙي تان واپس ويندڙ ڊاٽسن مٿان بجاراڻي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان پورهيت محمد عثمان تيغاڻي ٿڏي تي مارجي ويو هٿياربند فرار ٿي ويا اهڙي اطلاع بعد غوثپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جي لاش کڻائي تعلقا اسپتال ڪنڌڪوٽ پهچايو مليل ڄاڻ موجب هڪ سال اڳ الهوڌايو بجاراڻي کي تيغاڻي برادري جي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾ بجاراڻي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان محمد عثمان تيغاڻي کي قتل ڪيو آهي واضح رهي ته بجاراڻي تيغاڻي تڪرار گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ آهي ٻنهي ڌرين جا مجموعي طور تي 41 ماڻهو قتل ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن










