لاڙڪاڻو (ن س)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڳڙهي خدابخش آمد،آصف علي زرداري پنهنجي گهرواري فريال ٽالپر سان گڏ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري، آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.اڳوڻي صدر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي گلن جي چادر چاڙهي.صدر آصف علي زرداري سان سهيل انور سيال ۽ غلام قادر مري به گڏ هئا.صدر آصف علي زرداري ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي










