اسلام آباد(بيورو)اڄ مٿانهين سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ موسم سخت گرم رهندي.موسميات کاتي موجب دادو ۽ موهن جي دڙي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.جيڪب آباد، سبي، نوڪنڊي، لاڙڪاڻو، روهڙي، شهيد بينظير آباد ۽ خيرپور ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گرمي دوران به لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري شهرين کي سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.










