اپوزيشن وٽ احتجاج کانسواءِ ڪو رستو ناهي بچو، زرداري

اپوزيشن وٽ احتجاج کانسواءِ ڪو رستو ناهي بچو، زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ اپوزيشن وٽ احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان دوست آهي پر هر ڪنهن جي پنهنجي پارٽي ۽ سياست آهي. اسين سندس مارچ جي حمايت ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن احتساب عدالت ۾ حاضري وقت صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلاول، بختاور ۽ آصفه ساڻس تفصيلي ملاقات ڪئي. بلاول صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿيو ته مولانا ڪنهن جي اشاري تي مارچ ڪري پيو ته اسين حمايت واپس وٺي ڇڏينداسين. هن چيو ته ڌرڻي کانسواءِ مولانا جي حمايت ڪريون ٿا. سنڌ حڪومت بابت سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت تي حملو ڪرڻ آسان ناهي. ان کان اڳ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت جعلي اڪائونٽ ڪيس جي سماعت شروع ٿي ته آصف علي زرداري، فريال ٽالپور ۽ ٻيا ملزم موجود هئا. نيب جو نمائندو سردار مظفر دير سان آيو ته جج کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان کي اڳ ۾ اچڻ گهرجي اسين سڀ اوهانجي انتظار ۾ آهيون. نيب عدالت کي ٻڌايو ته پرڏيهه فرار ٿيل ٻن ملزمن يونس قدوائي ۽ اعظم وزير کي انٽرپول ذريعي وطن آڻڻ لاءِ ڪاروائي جاري هي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته هن ڪيس ۾ نامزد 30 ملزمن مان ڪجهه کي ريفرنس جون ڪاپيون ناهن مليون. نيب جي نمائندي چيو ته اسين سپليمينٽري ريفرنس داخل ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ايندڙ حاضري تي داخل ڪبو. جنهن سبب فرد جرم عائد نه ٿي سگهي. گذريل حاضري تي عدالت فرد جرم عائد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر نيب جي عذر سبب عمل ني ٿي سگهيو.  آصف علي زرداري جج کي درخواست ڪئي ته طبيعت ٺيڪ ناهي ڊاڪٽرن اسپتال منتقل ڪرڻ جو چيو آهي اوهان اهڙو حڪم جاري ڪريو. هن چيو ته جيل ۾ اڪثر شگر ڪري ٿي پوي ڪجهه ٿي ويو ته جيل انتظاميا اسپتال پهچائي نه سگهندي. جنهن تي جج ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي وڌيڪ سماعت 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ۾ هڪ نوجوان جيالي آصفه سان سيلفي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته گارڊ کيس ڌڪو ڏئو پوئتي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو