اٽارني جنرل اشتر اوصاف علي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اٽارني جنرل اشتر اوصاف علي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل آف پاڪستان اشتر اوصاف علي اڄ 12 آڪٽوبر تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. استعيفيٰ کان پوءِ وزيراعظم طرفان اٽارني جنرل کي نئين مقرري تائين ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب اٽارني جنرل طبيعت خراب هجڻ سبب وڌيڪ ڪم جاري رکڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت نئين اٽارني جنرل جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.ياد رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ وفاقي حڪومت طرفان اشتر اوصاف علي کي اٽارني جنرل مقرر ڪيو ويو هو. وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف اوصاف علي جي مقرري جي منظوري ڏني هئي.اشتر اوصاف 16-2015 ۾ وزيراعظم جو قانون بابت اسپيشل اسسٽنٽ به رهي چڪو آهي کيس ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف 2016 ۾ اٽارني جنرل مقرر ڪيو هو.اشتر اوصاف 2018 تائين بطور اٽارني جنرل خدمتون انجام ڏنيون هيون، هو 12-2011 ۾ صوبي جو پراسيڪيوٽر جنرل به رهي چڪو آهي.اشتر اوصاف 2 ڀيرا ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب به رهيو آهي. کيس بطور اٽارني جنرل فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيڻ بابت آئيني ترميم جي مسودي جي تياري ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. اشتر اوصاف جي ايس پي پلس واپاري پيڪيج جي تجديد ۾ به ڪردار ادا ڪيو. کيس 2018 ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو