دادوءَ جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي ٽرپل مرڊر ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. ڪيس ۾ نامزد جوابدار، جن کي آجو قرار ڏنو ويو آهي، انھن ۾ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن. ڪيس ۾ ڪل 8 جوابدار نامزد هئا، جن مان چار جوابدار جيل ۾ ۽ چار ضمانت تي هئا. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو آهي ته ”عدالت جي اهڙي فيصلي کانپوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته سردار ۽ ڀوتار قانون کان مٿانهان آهن. ھن چيو ته عوامي عدالت ۾ اسان ڪيس کٽي چڪا آھيون. ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ وينداسين.“سنڌ جي شهر ميهڙ ۾ اٺ سال اڳ ڏينهن ڏٺي جو ٽن ماڻهن جي قتل جو واقعو رڳو هڪ ڏوهه نه هو، پر اهو سڄي سماج جي انصاف واري نظام لاءِ هڪ وڏو امتحان بڻجي ويو. هن واقعي ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي فرد پيءُ، ڏاڏو ۽ چاچو بي رحمي سان قتل ڪيا ويا، ۽ ان سان گڏ هڪ نوجوان نياڻي ام رباب جي زندگي جو رخ ئي بدلجي ويو.ام رباب پنهنجي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قاتلن خلاف بهادري سان وڙهي،هڪ نوجوان عورت، جنهن نه صرف پنهنجي خاندان لاءِ انصاف جي جدوجهد جاري رکي، پر هر قسم جي دٻاءُ، ڌمڪين ۽ مشڪلاتن کي برداشت ڪندي اسٽيٽس ڪو کي للڪاريو. سندس جدوجهد نه صرف ذاتي سطح تي اهم آهي، پر اهو پڻ سماج لاءِ هڪ مثال آهي ته ڪيئن هڪ فرد به نظام جي خامين کي بي نقاب ڪري سگهي ٿو. ام رباب جي ڪردار مان اهو سبق ملي ٿو ته جيڪڏهن فريادي ڌر مضبوط ارادو رکي ۽ حق لاءِ بيهي رهي، ته پوءِ نظام جي ڪمزورين باوجود به انصاف جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي.ڪالهه جڏهن اٺن سالن جي ڊگهي عدالتي جدوجهد کان پوءِ فيصلي جو اعلان ٿيو آهي،پر هاڻي جڏهن عدالت جو فيصلو آڏو آيو آهي، ته ان ۾ سڀ کان وڏو تضاد اهو آهي ته قتل ته ٿيا، پر قاتل ڪير هئا؟ جيڪڏهن نامزد جوابدار به نه رهيا، روپوش شڪي به نه رهيا، ته پوءِ اهو ڪهڙو فيصلو آهي جيڪو قتل کي ته تسليم ڪري ٿو، پر قاتلن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿو؟ هن فيصلي مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته هتي انصاف فقط طاقتورن کي ملي ٿو، وڏيرا شاهي کٽي وئي ۽ مظلوم نياڻي اُم رباب هارائي وئي. هن ملڪ ۾ انصاف جا قاتل خود انصاف جا ادارا بڻجي ويا آهن. هڪ پاسي هڪ وزير جي گهر کي ساڙڻ جي ڪيس ۾ پوري برادريءَ ، پورو علائقو نوگو ايريا بڻايو وڃي ٿو، نوجوانن کي گرفتار جڏهن ته بيمارن کي علاج لاءِ شهر جو رخ ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي، انهن ڳوٺاڻن جا لنگهه بند ڪيا وڃن ٿا ته ٻي پاسي سرِعام ٽن انسان کي قتل ڪندڙ ائين آجا ٿيو وڃن ڄڻ هنن ڪجهه ڪيو ئي ناهي.!!
پاڪستان جي عدالتي نظام جي حوالي سان سڀ کان اول جيڪو سوال سامهون اچي ٿو، اهو آهي انصاف جي فراهمي جو معيار ۽ رفتار. هڪ اهڙو ملڪ جتي آئين هر شهري کي برابري ۽ انصاف جي ضمانت ڏئي ٿو، اتي عملي طور تي انصاف جو حصول ڪيترن ئي رڪاوٽن، ڪمزورين ۽ دٻائن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. عدالتن ۾ ڪيسن جي انبار، شفاف ٽرائل جي کوٽ، جاچ ۾ ڪوتاهي ۽ مختلف اثرانداز ٿيندڙ عنصر نه صرف انصاف جي عمل کي سست ڪن ٿا، پر ڪيترين ئي حالتن ۾ ان کي مسخ به ڪن ٿا. شفاف ٽرائل ڪنهن به عدالتي نظام جي بنيادي ضرورت آهي. جڏهن ٽرائل شفاف نه هجي، شاهديون صحيح نموني پيش نه ڪيون وڃن، يا عدالتن تي غير ضروري دٻاءُ هجي، ته پوءِ انصاف جو تصور ئي ڪمزور ٿي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڏٺو ويو آهي ته يا ته شاهديون ڦيرايون وڃن ٿيون، يا وري شاهدن کي ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ سچ سامهون اچڻ بدران دٻجي وڃي ٿو، ۽ ڏوهاري قانون جي گرفت کان بچي وڃن ٿا.ڪيسن جي فيصلن تي اثرانداز ٿيندڙ عنصرن جو پڻ وڏو ڪردار آهي. سياسي اثر، بااثر ماڻهن جو دٻاءُ، پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن جي نااهلي يا جانبداري، سڀ گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا جتي انصاف جي عمل کي غيرجانبدار رکڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. خاص طور تي جڏهن فريادي ڌر ڪمزور هجي ۽ جوابدار ڌر بااثر، ته پوءِ انصاف جي ساھمي واضح طرح هڪ طرف جهڪيل نظر اچي ٿي.خوف ۽ دهشت جو عنصر پڻ هڪ اهم مسئلو آهي. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ فريادي ڌر کي ڌمڪيون ڏئي يا سماجي ۽ معاشي دٻاءُ وجهي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي. هي رجحان نه صرف قانون جي بالادستي لاءِ خطرو آهي، پر سماج ۾ بيچيني ۽ ناانصافي جي احساس کي به وڌائي ٿو. جڏهن ماڻهن کي يقين نه رهي ته عدالتن مان کين انصاف ملندو، ته پوءِ اهي قانون تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا.
هيءَ صورتحال نه رڳو ام رباب لاءِ، پر سڄي معاشري لاءِ هڪ وڏو سوال آهي. ڇا اسان جو عدالتي نظام ايترو ڪمزور آهي جو ڏينهن ڏٺي جي قتل جا به مجرم سڃاڻپ کان بچي وڃن؟ يا پوءِ جاچ ۽ پراسيڪيوشن جي مرحلن ۾ اهڙيون ڪمزوريون آهن جيڪي انصاف کي رستي ۾ ئي روڪي ڇڏين ٿيون؟ام رباب، جيڪا ان وقت هڪ عام شاگردياڻي هئي، پنهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون جو انصاف وٺڻ لاءِ جنهن همت، حوصلو ۽ استقامت جو مظاهرو ڪيو، اهو سندس ذات جي حوالي سان هڪ مثال بڻجي چڪو آهي. هن نه صرف عدالتن جا چڪر ڪاٽيا، پر سماجي ۽ سياسي دٻاءُ کي به منهن ڏنو. ڪيترن موقعن تي کيس ڌمڪيون مليون، پر هوءَ پنهنجي موقف تان نه هٽي. ان جدوجهد کيس هڪ علامت بڻائي ڇڏيو—انصافجيتلاشجيعلامت.چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته ڪنهن به ڏوهه جي جاچ پوليس جي ذميواري هوندي آهي. جيڪڏهن شروعاتي جاچ ئي ناقص هجي، شاهدن جا بيان صحيح نموني سان قلمبند نه ڪيا وڃن، يا ثبوت گڏ ڪرڻ ۾ غفلت ڪئي وڃي، ته پوءِ عدالت وٽ به محدود اختيار رهجي وڃن ٿا. عدالت ثبوتن جي بنياد تي فيصلو ڪندي آهي، نه ته رڳو شڪن يا جذباتن تي. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪيس ۾ مضبوط ثبوت پيش ئي نه ڪيا ويا، ته پوءِ نتيجو اهڙو ئي نڪرڻو هو. پر سوال اهو آهي ته ڇا اٺن سالن ۾ به اهڙا ثبوت گڏ نه ٿي سگهيا جيڪي قاتلن تائين پهچائي سگهن؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ اها ناڪامي ڪنهن جي آهي؟ پوليس جي، جاچ اداري جي، يا سڄي نظام جي؟ام رباب جي جدوجهد هن ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته فرد جي سطح تي همت ۽ حوصلو ته موجود آهي، پر اداري جي سطح تي سنجيدگي جي کوٽ آهي. هڪ نوجوان ڇوڪري جيڪا پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي، اها اٺ سال مسلسل انصاف لاءِ وڙهندي رهي، پر حڪومتي ادارا ان جي مدد ڪرڻ بدران ڄڻ ته خاموش تماشائي بڻيل رهيا.
هي فيصلو هڪ ٻي اهم حقيقت کي به اجاگر ڪري ٿو ته اسان جي سماج ۾ طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ اڃا به وڏو فرق موجود آهي. ڪيترائي اهڙا ڪيس آهن جتي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو قانون کان بچي وڃن ٿا، جڏهن ته عام ماڻهو انصاف لاءِ سالن تائين دربدر ٿيندا رهن ٿا. جيڪڏهن ميهڙ جهڙي کليل ۽ عوامي جاءِ تي ٿيل قتل جا به جواب نه ملي سگهن، ته پوءِ بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ ڏوهن جو ڇا ٿيندو؟ان صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان عوام جي اعتماد کي ٿيندو آهي. جڏهن ماڻهو ڏسن ٿا ته اٺ سالن جي جدوجهد کان پوءِ به انصاف نٿو ملي، ته پوءِ انهن جو نظام تي ويساهه ختم ٿيڻ لڳي ٿو. ۽ جڏهن انصاف تي ويساهه ختم ٿي وڃي، ته پوءِ سماج ۾ بيچيني، مايوسي ۽ بي اعتمادي وڌڻ لڳي ٿي.سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن ٽيماڻهو ڏينهن ڏٺي قتل ٿيا، ته پوءِ قاتل ڪير هو؟ هتي هڪ اهم نقطو اهو به آهي ته هي ڪو ڏورانهين علائقو نه هو، پر ميهڙ جهڙي مرڪزي تعلقي ۾ واقعو ٿيو، ۽ اٺن سالن تائين ڪيس هلڻ باوجود به اصل قاتلن جو پتو آخر ڇو نه پئجي سگهيو آهي.ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته هن فيصلي کي هڪ آخري نتيجو سمجهڻ بدران هڪ شروعات طور ڏٺو وڃي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هن ڪيس جي جاچ ۾ ٿيندڙ خامين جو جائزو وٺن. جيڪڏهن ڪنهن آفيسر يا اداري کان غفلت ٿي آهي، ته ان جو احتساب ڪيو وڃي. ساڳئي وقت، جاچ جي نظام کي جديد بڻائڻ، فورينزڪ سهولتن کي بهتر ڪرڻ ۽ شاهدن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ان کان علاوه، ام رباب جهڙن ماڻهن کي به رياستي سطح تي تحفظ ۽ سهڪار فراهم ڪرڻ ضروري آهي، جيئن هو بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري سگهن. هڪ مهذب سماج جي سڃاڻپ ئي اها هوندي آهي ته اهو پنهنجي ڪمزور شهرين کي ڪيئن تحفظ ڏئي ٿو.
اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ميهڙ قتل ڪيس جو فيصلو ڪيترن سوالن کي جنم ڏئي ويو آهي، جن جا جواب اڃا تائين نه مليا آهن. قتل ٿيا، رت وهايو ويو، هڪ خاندان تباهه ٿيو—پرقاتلڪيرهئا؟جيڪڏهنهن سوال جو جواب نه مليو، ته پوءِ انصاف جو تصور اڻپورو رهندو. تنهن ڪري ام رباب جي جدوجهد جاري رهڻ گهرجي، ڇو ته اهو صرف هڪ خاندان جو ڪيس نه آهي، پر اهو سڄي سماج جي انصاف جي جنگ آهي. ۽ جيستائين هن جنگ ۾ سچ سامهون نه ايندو، تيستائين ميهڙ جو اهو رت آلود ڏينهن اسان جي اجتماعي ضمير تي هڪ سوال بڻيل رهندو. انصاف ڪنهن به مهذب سماج جو بنياد آهي. جيڪڏهن انصاف ڪمزور ٿيندو، ته سماج ۾ بيچيني، بدامني ۽ ناانصافي وڌندي. مٿي ڄاڻايل ٽرپل مرڊر ڪيس اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته نظام ۾ سڌارن جي ضرورت رڳو هڪ بحث نه، پر هڪ هنگامي ضرورت آهي. جيستائين عدالتي نظام کي شفاف، موثر ۽ عوام دوست نه بڻايو ويندو، تيستائين انصاف هڪ خواب ئي رهندو، حقيقت نه بڻجي سگهندو.
.










