اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل لاجسٽل سيل يعني اين ايل سي پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿي، آڊٽ به نٿي ڪرائي، پروڪيورمينٽ جي ضابطن تي عمل نه ٿي ڪري، بنا ٽينڊر من پسند ڪمپنين کي ٺيڪا ڏين ٿا، ٺيڪيدارن کي اضافي ادائگي ڪن ٿا، اسانکي ڪجهه سمجهن ئي نٿا، اهڙو اظهار رٿا بند ي ڪميشن جي سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ڪيو. هن بي وسي جو اظهار ڪندي کين لغام ڏيڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته اين ايل سي جو رٿا بندي ڪميشن سان تعلق نٿو ٺهي ڪابينا ڊويزن کي گهرجي ته کين مواصلات ڊويزن جي ماتحت ڪيو وڃي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس رانا تنوير جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ آدٽ پيراز تي غور ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سرجاڻي تائون کان صدر ڪراچي تائين گرين لائن بس جو ٺيڪو هڪ ارب 7 ڪروڙ ۾ حاصل ڪيو. هنن کوٽائي جو ٺيڪو 96 ڪروڙ 90لک روپين ۾ بن ٽينڊر ڏئي ڇڏيو، پيٽي ٺيڪيدارن کي 17 ڪروڙ 80 لک روپين جي اضافي ادائگي ڪئي وئي، جنهن جو حساب ئي ناهي. اين ايل سي وارا چون ٿا ته هنن ٻن آفيسرن چوڌري فضل تارڙ ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) بشير ياسين کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هڪ ناتجربيڪار ڪمپني کي 12 ڪروڙ جو ٺيڪو ڏنو ويو، جنهن جي جواب ۾ چيو ويو ته مشڪل علائقي جو ڪم هو ان ڪري کين ڪم بنا ٽينڊر ڏنو. جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري تنوير چيو مشڪل علائقن ۾ پروجيڪٽس لاءِ رولز کي فالو ڪرڻ ضروري ناهي ان لاءِ رولز ۾ ترميم ڪريو.










