ايم ڪيو ايم پاران نون صوبن لاءِ سياسي پارٽين کي ڳالهين جي دعوت

ايم ڪيو ايم پاران نون صوبن لاءِ سياسي پارٽين کي ڳالهين جي دعوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان سموري ملڪ ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي پارٽين کي قومي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نوان صوبن جي لاءِ قومي ڊائيلاگ جي ضرورت آهي. ايم ڪيو ايم چيئرمين چيو ته اسان جيڪا تجويز پيش ڪئي انهي تي ملڪ جون مختلف پارٽيون آواز سان آواز ملائي رهيون آهن. سموري ملڪ جي ماڻهن کي چوان ٿو ته اچو سياسي اختلاف وساري انهي تي ڳالهيون شروع ڪريون ٿا.خالد مقبول صديقي چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا آبادي جي بنياد تي ٺاهڻ گهرجن، ۽ سنڌ ۾ نون صوبن جو ڪيس سڀني کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته صوبا ٺاهڻ جيڪڏهن غلط ۽ غداري آهي ته پوءِ پاڪستان جي آئين ۾ انهي جو ذڪر ڇو موجود آهي. ايم ڪيو ايم چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان آئين ۾ ترميم ڪرائي ۽ جڏهن عمل نه ٿيو ته اسان سپريم ڪورٽ به وياسين، نون صوبن جي لاءِ به سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪنداسين انهي لاءِ وڪيلن سان ڳالهيون ڪري ورتيون آهن.ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ هلائيندڙن کي خبر پئجي وئي آهي ته ملڪ کي بچائڻ جو واحد رستو انتظامي يونٽ ٺاهڻ آهي اسان اها ڳالهه شروع ناهي ڪئي محسن نقوي پيپلز پارٽي جو وڏو ساٿاري آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان بلدياتي ادارن کي بااختيار بنائڻ چاهيون ٿا سڀ مڃي ويا آهن پر پيپلز پارٽي لوڪل باڊي ترميم جي مخالفت ڪئي. هاڻ اسان ايڊمنسٽريٽو يونٽس ٺاهڻ جي هر تحريڪ جو حصو بڻجنداسين. هن چيو ته انتظامي يونٽس ٺاهڻ سنڌين جي خلاف نه آهي پر انهن جي حق ۾ آهي، اهي انتظامي يونٽس ٺهندا ته سنڌ جي هارين کي به اختيار ملندو.ايم ڪيو ايم جي سينئر اڳواڻ فاروق ستار چيو ته وڏيرا ۽ جاگيردار پنهنجي سياسي فائدي جي لاءِ سنڌي ڀائرن کي گمراهه نه ڪن، نوان انتظامي يونٽس سنڌ جي ورهاست نه پر سنڌ جي انتظامي ڊويزن جي ورهاست آهي. فاروق ستار چيو ته سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ نوان انتظامي يونٽس هوندا. انهن انتظامي يونٽس کي هلائيندڙ حڪمران ۽ آفيسر انهي ئي علائقي مان هوندا. هن چيو ته سنڌ جي ڀائرن ۽ ڀينرن جو چوڻ آهي ته اسان جا اصل دشمن وڏيرا ۽ جاگيردار آهن اسان کي سنڌ جي غريب عوام کي هتان جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ پيپلز پارٽي جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته اوهان اسان کان اسان جو گورنر ڦريو هو، هاڻ اسان اوهان کان 7 ڪروڙ ماڻهن جي سنڌ کي هلائڻ جو هڪ طرفو اختيار ڦرينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو